قاضي احمد ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف علامتي بک هڙتال

قاضي احمد(رپورٽ:علي حيدر چانڊيو) تعلقي قاضي احمد جي آء بي اي ذريعي ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 40 مارڪن تي پاس ٿيندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس ٿاڻي سامھون مين روڊ تي ڇھين ڏينهن به احتجاجي علامتي بک ھڙتال ڪئمپ جاري ڪئمپ تي ايس يو پي يو سي احمد ٻگھيو جو چونڊيل چيئرمين خميسو خان ڀنڊ ڌڻي بخش ڪلوئي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئمپ تي پھچي احتجاج تي ويٺل زاھد حسين انڙ، مھراڻ خان، اختر علي ڏاھري، الطاف رند، عبدالحفيظ انڙ، سليم سيال ۽ ٻين اميدوارن کان تفصيل ورتا ۽ سندن جائز مطالبن جي مڪمل حمايت ڪئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي شھيدآباد جي 3 تعلقن نوابشاھ  سڪرنڊ ۽ دوڙ ۾ 40 پلس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آھن پر افسوس تعلقي قاضي احمد جي 40 پلس اميدوارن کي اڃا تائين آفر آرڊر نه ڏنا ويا آھن ۽ تعليم کاتي پاران ڄاڻي واڻي تعلقي قاضي احمد کي نظراندار ڪري وڏي ناانصافي ڪري رھي آهي .ھنن اعلي ا. اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  40 پلس پاس اميدوارن کي جلد آفرآرڊر ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ايس يو پي پاران سڄي ضلع ۾ آء بي اي جي اميدوارن جي حمايت ۾ مظاھرا ڪيا ويندا ڪئمپ تي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو اڳوڻي ضلع چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ جو فرزند ڄام تبريز انڙ پڻ ڪئمپ تي پھچي جلد جائز مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں