ملير ۾ ڳوٺاڻن جو ملڪ چنگيز جي ڀاءُ خلاف پريس ڪانفرنس، ڀتو گهرڻ جو الزام

ملير(ڊ ر) ٿاڻي بولا خان جي علائقي ڳوٺ گلاب خان عالياڻي پالاري جي معززين گلزار علي پالاري، غلام نبي پالاري ،رفيق پالاري ۽ اسلم پالاري ملير پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڄام شورو اتحاد جي اڳواڻ ملڪ چنگيز جو ڀاءَ ملڪ وحيد پنهنجي ساٿين منظور ڪپري پالاري، گنگو مل، ديپڪ ڪمار ۽ ٻين سان گڏ علائقي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ملڪ وحيد ۽ سندس ساٿين پاران سوشل ميڊيا تي اسان مٿان مختلف وقتن تي زمين جي کاتن ۽ اين او سيز جون ڪاپيون رکي الزام لڳائي رهيا آهن، جيڪي سراسر غلط آهن اسان اهڙن الزامن کي رد ڪريون ٿا هنن چيو ته اسان مٿان الزام لڳائيندڙ ملڪ وحيد ڪجهه سال اڳ ڊرائيور هو جيڪو هاڻ اربين روپين جي پراپرٽي جو مالڪ ڪيئن ٿيو آهي هنن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن به علائقي واسي جي زمين جي کاتي ۾ ڦير ڦار ڪئي آهي يا ڪوڙو کاتو ٺهرايو آهي ته ان جا ثبوت پيش ڪيا وڃن اسان کي بليڪ ميلنگ بابت جڏهن اسان ملڪ چنگيز کي دانهن ڏني ته ان پاران اسان کان 50 لک روپيا روڪ ۽ هڪ ريوو گاڏي جي گهر ڪئي وئي ۽ چيو ته اهي ڏيون ته اوهان جي خلاف گنگو مل لکڻ بند ڪندو، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ڪوهستان جيڪو سنڌ ۾ امن جي خطي طور مشهور آهي هٿ وٺي ان جو امن ۽ حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪو عمل اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، هنن چيو ته اسان مٿان کاتن ۾ ڦير ڦار جي لڳايل الزامن جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ان عمل ۾ جيڪو به ملوث هجي ان کي سخت سزا ڏني وڃي، ڳوٺاڻن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڌمڪين جو سلسلو بند نه ٿيو ۽ ڄاڻايل ماڻهن خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته وزير اعليٰ هائوس آڏو سخت احتجاج ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں