علي محمد ميمڻ
ملڪ جي سياسي تاريخ جا ڪجهه اهڙا لڪل پاسا آهن جنهن جو پيرائتي نموني جائزو وٺڻ يا انهن تي درست نموني تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جي سياسي تاريخ جي وڏن واقعن کي به ڌرين طرفان پنهنجي نظرئي ۽ خاص نظر سان بيان ڪري اڪثر پنهنجا پلاند ڪيا ويندا رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڏس ۾ تاريخي ذميوارين موجب تحقيق ٿئي۽ تاريخ ۽ حقيقتن موجب انهن سان انصاف ٿيڻ گهرجي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ انهن جي آڌار تي سياسي تجزيا ۽ نتيجا پڻ درست ٿي سگهن. ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 25 ڊسمبر تي سندس سالگرهه ملهائي پئي وڃي، ان موقعي تي مناسبت سان پاڪستان جي باني جي سياسي جدوجهد ۽ ڪيل فيصلا اسان جي ملڪ لاء يقينن تاريخ ساز آهن.14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان قائم ٿيو ويو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح ملڪ جو پهريون گورنر جنرل بڻيو ۽ ملڪ جي پهرين قانونساز اسيمبلي کي 11 آگسٽ 1947ع تي پنهنجي خطاب موجب، پاڪستان هڪ هڪ جمهوري ۽ وفاقي ملڪ هئڻ جو اعلان ڪيو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ هڪ جيترا حق حاصل هئڻ سمورن مذهبن انهن سان تعلق رکندڙن کي پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃڻ جي مڪمل آزادي حاصل هوندي قائد اعظم جي انهيء خطاب مطابق ملڪ مذهبي نه پر سيڪولر هئڻ وارو اعلان ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ شامل ٿيندڙ صوبن، رياستن ۽ قومن کي پنهنجي طرفان مڪمل ضمانت وارا واعدا ڪيا ويا.
پاڪستان جو قيام پنهنجي قديم سنڌو ماٿريء جي يڪجا ٿيڻ ، بحالي ۽ ان بعد هڪ نئين ملڪ جي صورت ۾دنيا جي نقشي تي اڀرڻ اهڙا وڏا تاريخي واقعا آهن جيڪي پنهنجي قديم تاريخ رکن ٿا ان تاريخي عمل کي صرف سياست جي اک سان ڏسي ۽ پرکي نه ٿو سگهجي. پاڪستان جي حاصلات واري جدوجهد پنهنجي تاريخي تناظر ۾يقينن قائد اعظم محمد علي جناح جي ذهن ۽ فڪر جو جوهر ۽ پنهنجي مادر وطن سنڌ ۽ سنڌو ماٿري جي تاريخي خطي جي قومن ۽ رياستن واري وفاق جي صورت ۾بحالي ۽ ملڪ جي صورت ۾ حاصلات ضرور چئي سگهجي ٿي. سنڌو ماٿري جي پنهنجي تاريخ موجب هي ماٿريء جي آزاد رياستن تي مشتمل خطو هو. پر اهو هندستان جو حصو نه هو. انهي خطي تي انگريزن 1843ع تي ميرن کان سنڌ ۽ ان بعد 1846ع جي عرصي تائين رنجيت سنگهه کان پنجاب ۽ ان بعد سرحد ۽ بلوچستان تي قبضا ڪيا ۽ افغانستان جي ڪجهه علائقن تي حملا ڪري اهي علائقا به پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيا. هڪ صدي بعد 1945 ع ۾ ٻي عالمي جنگ ۾ شڪست بعد آخرڪار برطانيا دنيا مان پنهنجا قبضا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اسانجي ننڍي کنڊ کي پڻ برطانوي پارليامينٽ طرفان آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پنهنجي وائسراء ذريعي اتان جي قومن کي سندن رياستن جا قبضا واپس ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا. ان موقعي تي انڊين نيشنل ڪانگريس طرفان سنڌو ماٿري وارو ڌار خطو به هندستان ۾ شامل رکڻ تي زور ڏنو ويو جنهن تي قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس جماعت آل انڊيا مسلم ليگ طرفان مخالفت ڪئي وئي.آخرڪار ريفرينڊم ذريعي رياستن کي سندن پسند جي ملڪن جي وفاق ۾شامل ٿيڻ جو حق ڏنو ويو.
هن نئين ملڪ پنهنجو سفر شروع ئي مس ڪيو هو پر افسوس ته صرف ڏيڍ سال بعد ملڪ جو باني ۽ سربراهه قائد اعظم محمد علي جناح وفات ڪري ويو، اهڙي ريت هي نئون ملڪ اوچتو پنهنجي قيادت ۽ رهنما کان محروم ٿي ويو. جلد ئي وزير اعظم لياقت علي خان پڻ راولپنڊي واري لياقت باغ ۾جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران قتل ٿي ويو ۽ ان بعد ملڪ ۾ لڳاتار 2 مارشل لائون لڳيون. 10 سال جنرل ايوب خان ۽ ساڍا ٽي سال جنرل يحي واري آمريتن، ملڪ کي جمهوريت ۽ وفاقي مملڪت بنجڻ واري رستي کان پري ڌڪي هڪ بنياد پرست رياست بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ملڪ کي قومن وارو رضاڪاراڻو وفاقي ملڪ بنائڻ بجاء صوبن ۽ قومن واري تاريخي سڃاڻپ کي ئي ختم ڪري ون يونٽ بڻايو ويو. هن ملڪ پنهنجي شروعات ڪهڙي مان ۽ شان سان ڪئي ۽ اڳتي هلي هاڃيڪار حادثن جو شڪار ٿي ويو. جنرل يحي جي مارشل لاء واري دور ۾ پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون. ان وقت ملڪ پنجن صوبن ۽ 6 قومن واري وفاقي ملڪ طور موجود هو پر اڳتي هلي اهو وڏي هاڃيڪارين جو شڪار ٿي ورهائجي ويو. ان معاملي سان لاڳاپيل ڪيترائي تاريخي ۽ سياسي پاسا ۽ گهڻا باب تحقيق طلب آهن.
خاص طور تي ملڪ ۾1970ع واري عام چونڊن جي سمورن نتيجن جو مڪمل رڪارڊ اسانجي سامهون موجود آهي. ملڪ ۾7 ڊسمبر 1970ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جي شهرين کي بالغ راء شماري جي اصول تحت پنهنجا ووٽ ڏيڻ جو حق مليو. هنن چونڊن ۾ملڪ جي پنجن صوبن ۾قومي اسيمبلي جي 300 عام تڪن تي چونڊون ٿيون، جنهن مان اولهه پاڪستان جي چئن صوبن ۾قومي اسيمبلي جون 138سيٽون ۽ اوڀربنگال واري هڪ صوبي (اوڀر پاڪستان) ۾162 سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ ملڪ جي اڳوڻن پنجن صوبن جي6 صوبن ۽ قومن کي پنهنجي قسمت جا فيصلا ڪرڻ جا موقعا مليا ۽ آخرڪار سندن ڪيل فيصلا واضح طور تي منظر عام تي اچي ويا. ملڪ جون ٻه وڏيون جماعتون ملڪ جي ٻنهي حصن ۾ اڪثريت سان چونڊون کٽي ويون. اولهه پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ وفاقي جماعت طور اڀري آئي ۽ هن پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه مان جملي81 سيٽون کٽيون، جڏهن ته ٻئي پاسي صرف هڪ بنگال صوبي (اوڀر پاڪستان) مان عوامي ليگ سندس صوبي جون سموريون 162 سيٽون کٽڻ کان علاوهه عورتن جو 6 مخصوص سيٽون پڻ کٽي 168 سيٽن سان ملڪ جي وفاقي ايوان ۾هڪ قوم جي جماعت طور هن عددي برتري ته ضرور حاصل ڪري ورتي پر هن کي وفاقي جماعت طور ملڪ جي ٻين صوبن ۽ قومن مان ووٽ ، مڃتا يا قبوليت حاصل نه ٿي سگهي پر صرف هڪ قوم ۽ صوبي جي سيٽن جي حاصل عددي برتري ڪري هو ڇهن قومن واري وفاقي ملڪ تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ جي تياري ڪري رهي هئي.
ملڪ ۾ ٿيل هنن عام چونڊن جي نتيجن موجب هڪ پاسي سموري بنگالي قوم ڪنفيڊريشن جي حامي هئي، سندن جماعت ۽ ليڊر شيخ مجيب الرحمان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل هئي ته، ٻئي پاسي اولهه پاڪستان جا چار صوبا ۽ پنج قومون، شيخ مجيب الرحمان ۽ عوامي ليگ جي ڪنفيڊريشن واري نظرئي خلاف ووٽ ڏئي هڪ مٺ ۽ طاقت جي صورت ۾سامهون اچي بيهي رهيا. اولهه پاڪستان وارن چئن صوبن سنڌ، پنجاب، سرحد (خيبر پختونخواهه) ۽ بلوچستان ۾ عوامي ليگ ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ترقي پسندن ۽ قوم پرستن جي اتحاد ۽ پٺڀرائي جي باوجود هتان جي قومن ۽ عوام طرفان رد ڪيو ويو ۽ ڪنهن به صوبي ۾ عوامي ليگ کي ڪابه سيٽ ته نه ملي پر کيس هڪ سيڪڙو ووٽ به نه ملي سگهيا. اهڙي ريت سندس حامي ترقي پسندن ۽ قوم پرستن جي اتحاد نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) کي پڻ ملڪ جي ڪاسٽ ٿيل ووٽن مان صرف 3 سيڪڙو ووٽ مليا ۽ قومي اسيمبلي جون رڳو 6 سيٽون ۽سنڌ يونائٽيڊ فرنٽ کي هڪ سيڪڙو ووٽ به نه ملي سگهيا. جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه مان جملي81 سيٽون ۽ سمورن صوبن مان 39 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري اولهه پاڪستان جي وڏي سياسي قوت بنجي ويئي. صوبائي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پنجاب اسيمبلي جي 180 سيٽن مان 113، سنڌ اسيمبلي جي 60 سيٽن مان 28، خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي 40 سيٽن مان نعپ 13، پاڪستان پيپلز پارٽي 3، جي يو آء 4 سيٽون ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 20 سيٽن مان نعپ کي8، ۽ جي يو آء 2 سيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته عوامي ليگ کي صوبي بنگال جي 300 سيٽن مان 288 ۽ هڪ سيٽ نعپ ۽ باقي ٻين جماعتن کي مليون پر اولهه پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس جماعت کي ڪا به ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي. اهڙي ريت، اولهه پاڪستان جي چئن صوبن ۾پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد وفاقي جماعت ۽ عوامي طاقت ويئي. ملڪ جي عوام پنهنجي ووٽ ذريعي جيڪو پنهنجو فيصلو ٻڌايو ان موجب، اولهه پاڪستان ۾سنڌو ماٿري جي پنجن قومن تي ٻڌل وفاق يڪجا ٿي ويو ته ٻئي پاسي صوبو بنگال يا اوڀر پاڪستان جي سياست بلڪل مختلف ۽ عوامي سطح تي پڻ وفاق کان ڌار ٿيندي نظر آئي. ملڪ ۾ چيف مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر جنرل يحي خان جي حڪومت قائم هئي ۽ هتي اڃا پارلياماني جمهوري سرشتي جو ڪو وجود نه هو اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي آمر طرفان سياسي معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بجاء وجهه وٺي اوڀر پاڪستان ۾آپريشن ڪيا ويا. جنهن جي نتيجي ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿي ۽ لکين معصوم ماڻهو ان مهم جوئي جو شڪار ۽ کاڄ ٿي ويا.جنهن جي نتيجي ۾بنگالي قوم جي قيادت طرفان پاڪستان جي وفاق مان ڌار ٿي الڳ ملڪ بنگلا ديش جو اعلان ڪيوويو.اهڙي ريت بنگالي قوم جيڪا پاڪستان سان مذهبي بنيادن تي شامل ته ٿي هئي پر تاريخ جي هڪ حادثي ۾ ڌار ٿي وئي .ملڪ جو ورهائجڻ يقينن افسوسناڪ سانحو هو، اسانجون نيڪ تمنائون پنهنجي ملڪ جي قومن ۽ برادر قومن سان شامل حال آهن .
Email. alimemonlive@yahoo.com
