ميهڙ(رپورٽ:عابد علي جوڳرو) ميهڙ ۾ 3 هفتا اڳ ڦر دؤران مزاحمت ڪرڻ تي بيدردي سان قتل ٿيل بئنڪ ملازم سعيد احمد شيخ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف شھري ايڪشن ڪاميٽي تي سڏ تي شھر جي گهنٽا گهر چونڪ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويئي، احتجاجي ڪئمپ تي ، عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، ميهڙ بار ايسوسيئيشن جو صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ايڇ يو جي ضلعي اڳواڻ بابو عبدالله سومرو، وحيد علي سومرو، سيد صدام حسين شاه ۽ مقتول سعيد احمد شيخ جي ڀاءۡ نصير احمد شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شھري ايڪشن ڪاميٽي جو صدر علي انور شيخ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد علي مهيسر، ، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر ۽ ٻين چيو ته ٽي هفتا اڳ ميهڙ وچ شھر ۾ بيدردي سان ڦورن هٿان مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿيل بئنڪ ملازم سعيد احمد شيخ جا قاتل پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آھي، هنن وڌيڪ چيو ته ميهڙ سميت سڄي سنڌ ۾ حڪمرانن ۽ پوليس ڏوهارين جي سرپرستي ڪندي کين ڇوٽ ڇڏي ڏنو آھي جنهن سبب چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ بيگناھ ماڻھن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا پيش اچي رهيا آھن، هنن اعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميهڙ واقعي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي ڦورن هٿان بيگناھ قتل ٿيل بئنڪ ملازم سعيد شيخ جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي جلد گرفتار ڪري مقتول جي خاندان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.
