حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مهان ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد ڪيل ٽن واري اٺين اياز ميلي جي ٻئي ڏينهن تي مختلف موضوعن تي ادبي ويهڪون ٿيون، جنهن ۾ مقررن اياز جي ڏات ۽ فڪر تي روشني وڌي. اياز ميلي ۾“پنهنجي ٻولي ۾ ميان جي تون چوندين ماءُ؛ مادري ٻولين جا چئلينج” جي موضوع تي ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر ممتاز بخاري هو، جڏهن ته ڊاڪٽر شاهه محمد مري، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، محبوب راڻا، افضل ساحر، جميل خان ۽ سعديه شڪيل مقرر هئا. ان موقعي تي بلوچ ترقي پسند دانشور ڊاڪٽر شاهه محمد مري چيو ته ٻولين سان پهريون تماشو اهو ٿيو ته ٻولين جو نالو ئي درست نه ورتو ويو، قديمي ٻولين کي علائقائي ٻوليون قرار ڏئي گهٽ ڪيو ويو، ٻولين جو معاملو انتهائي حساس آهي، جنهن مسئلي تي ملڪ ٽٽي ويو هو، لکين ماڻهو مارجي ويا هئا، هاڻ ته اسان کي انسان ٿي مادري ٻولين کي پنهنجي اهميت ڏيڻ گهرجي، سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي ٻوليون پاڪستان جون مادري قومي ٻوليون آهن، 18هين ترميم کانپوءِ سڀ اختيار صوبن وٽ آهن، ان ڪري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ وفاق کان مطالبو ڪرڻ بدران وفاق مان جان ڇڏائڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جا ماڻهو تمام گهڻو پڙهن ٿا، جيڪا شي انهن کي ملي ٿي هو پڙهي وٺن ٿا، بندشن باوجود بندشون وجهندڙ اهو سوچيو ته بلوچ پڙهن پيا ته هنن بلوچستان ۾ مري ويل موضوعن کي اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته مارڪيٽ ۽ بازار ڪيپٽلزم ۾ ڦاٿل آهي، ان ۾ ڪيئن مقامي اصلوڪين ٻولين اهميت ملي سگهندي. سرائيڪي ادب جي ليکڪه سعديه شڪيل چيو ته سرائيڪي لهجو نه پر پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ ٻولي آهي، سرائيڪي قوم جي ٻولي قديم آهي، پر هتي چيو ويندو رهيو ته سرائيڪي بنجابي جو لهجو آهي، اسان وٽ مادري ٻولين ۾ تعليم نٿي ڏني وڃي، هن وقت دنيا ۾ ڪيترن ئي ٻولين جي مري وڃڻ جو خطرو آهي، سرمائيداراڻي نظام خاص مقصدن خاطر خاص ٻولين کي اهميت ڏني آهي. هن چيو ته پرائمري کان ٻارڙن کي سرائيڪي پڙهائي نٿي وڃي. پنجابي، اردو ۽ سرائيڪي ادب جي ليکڪ محبوب راڻا چيو ته اسان جنهن عهد ۾ زنده آهيون آهيون اهو لنگوئسٽڪ امپيرلزم جو دور ناهي، سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابي ڀيڻ ٻوليون آهن، طاقتور جي زبان هوندي آهي ۽ ڪمزور جو لهجو هوندو آهي، گوپي چند نارائڻ چيو آهي ته سرائيڪي سنسڪرت کان به قديم آهي. پنجابي ٻولي جي شاعر افضل ساحر چيو ته هر ماڻهو کي پنهنجي ٻولي سان پيار، استعمال ۽ ان جو تحفظ ڪرڻ جو حق آهي، پنجابين کي سازش تحت غير بنجابي بڻايو ويو ۽ جبري طور تي پنجابين کي اردو پڙهائي وئي، ملڪ جي پهرين اسٽيبلشمينٽ اردو ڳالهائيندڙ هئي، پنجاب ۾ پنجابي کي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو سپريم ڪورٽ به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پر پنجاب ۾ پنجابي ٻولي ۾ تعليم نٿي ڏني وڃي، انگريز دور ۾ پنجاب ۾ لٽريسي ريٽ اڄ کان وڌيڪ هو، هتي سنڌي ۾ ايف آئي آر ٿي وڃي ٿي، پر پنجاب ۾ پنجابي ۾ ايف آئي آر نٿي ٿئي، پنجابي ٻولي کي اهميت نه ڏيندڙ پنجاب اسيمبلي ۾ موجود آهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجين ٻولين کي انٽرنيٽ دور جي حساب سان ترقي ڏيارڻي پوندي. اردو ادب جي ليکڪ جميل خان چيو ته زبان جي موت زماني جي موت آهي، ٻولين کي رابطي جي ٻولي چوڻ غلط آهي، انڊس سولائيزيشن جون سموريون ٻوليون پاڻ ۾ ڀيڻ ٻوليون آهن، 25 هزار سال پراڻي تهذيب مان سموريون ٻوليون نڪتيون آهن، سنڌي موهن جي دڙي کان به پراڻي ٻولي آهي. هن چيو ته سنڌي اسڪرپٽ اردو اسڪرپٽ کان پهرين اچي ويو آهي، جنگ اخبار فوٽو اسڪرپٽ ۾ ايندي هئي، اسڪرپٽ يونيڪوڊ ۾ نه هو. سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي چيئرمين اسحاق سميجو چيو ته پاڪستان ۾ رپورٽ ٿيل ٻوليون 74 آهن، پر هتي صرف 4 ٻولين اردو، سرائيڪي، عربي ۽ انگريزي کي اهميت ڏني وڃي ٿي، جيڪي مقامي ناهن، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي کي اهميت ڏيڻ مقامي ۽ اصلوڪين ٻولين سان ناانصافي آهي. هن چيو ته اسان وٽ قوم، ٻولي ۽ ثقافت هڪ هجڻ واري ڳالهه ڪري وڏي زيادتي ڪئي وئي، هي گهڻ قومي، گهڻ ٻولي ۽ گهڻ ثقافتي ملڪ آهي، ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي، سنڌي سميت سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، پر ان لاءِ رياستي رويو ڪٿي به نظر نٿو اچي، ٻوليون رابطي جو ذريعو نه پر تاريخي ورثو آهن، ڪنهن به قوم کان ٻولي کسڻ جو مقصد ان قوم کان سندن پاڙون پٽڻ برابر آهي، قديمي ٻولين جي عمر جو عرصو ڪو چند سالن جو ناهي، پر هزارين سالن جو آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي مان سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ جو بل پاس ٿيل آهي، پر هتي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي ۽ نه ئي شهرن ۾ مشهوري وارا بورڊ سنڌي ۾ لکي لڳايا وڃن ٿا، ان بل تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.
