ڀٽ شاهه ۾ ٽي روزه مفت اکين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي

ڀٽ شاھ (ن س) سول سوسائٽي سنڌ طرفان هالا پراڻا ۾ بي پهچ ۽ لاچار مريضن لاءِ ٽي روزه مفت اکين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ڊاڪٽر نظير اشرف لغاري ۽ ڊاڪٽر سجاد علي سرھيو جي سهڪار سان قائم ڪيل ڀٽ شاھ سميت هالا، مٽياري، کنڊو، کيبر، اڏيرولعل، سعيدآباد ۽ ٻين علائقن جي مريضن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي اکين جو چيڪ اپ ۽ علاج مفت م ڪرايو، ان موقعي تي ڊاڪٽرن پاران آيل مريضن جو چيڪ اپ ڪيوويو ۽ کين مفت دوائون توڙي چشما ڏنا ويا، جڏهن ته موتئي جي مريضن کي آپريشن ذريعي لينس پڻ لڳايا ويا،ان موقعي تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن سيد گلفام ڪاظمي، عبدالڪريم ميمڻ، عاشق هالائي، عرفان ميمڻ، عبدالرحيم ميمڻ مسعود مھدي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سول سوسائٽي طرفان سرندي وارن جي سهڪار سان هالا پراڻا ۾ هي ٽين سالانا مفت اکين جي ڪيمپ آهي جنهن ۾ پهرين ڏينهن تي پنج سئو کان وڌيڪ مريضن جو علاج ۽ چيڪ اپ ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں