ڄام شورو ۾ گم ٿيل نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو جي غريب آباد ڪالوني جو رهواسي نوجوان شعيب تيوڻو پراسرار نموني ڄامشورو مان گم ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا لاء سندس وارثن پاران ڄامشورو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ بعد ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهتا جتي گم ٿي ويل نوجوان شعيب تيوڻو جو پيرسن والد غلام مصطفي’ تيوڻو صحافين کي ٻڌايو آھي ته منھنجو 17 سالا نوجوان پٽ شعيب تيوڻو ڪالھ شام کان ڄامشورو شھر مان  لاپتا ٿي ويو آھي، جنهن جو ڪافي ڳولا باوجود اڃان تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي, هن چيو آهي ته منھنجو پٽ شھر ۾ ھولسيل جو ڪم ڪندو آھي ان جو ڪنهن به سياسي پارٽي يا بري سنگت سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ نه ئي اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني آ, سمجھ ۾ نٿو اچي ته هو ڪيئن گم ٿي سگهي ٿو, هن چيو پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي،, ڊي آء جي حيدرآباد, ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻين وس وارن ادارن کي اپيل آهي ته منهنجي نوجوان پٽ شعيب تيوڻو جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں