عدنان علي زھري
پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران تقريبن ڏيڍ سال اڳ پنھنجي جيجل امڙ جي اباڻي شھر لاڙڪاڻي جي عوام جي سھولت لاءِ ايس آءِ يو ٽي يونٽ لاڙڪاڻي جو افتتاح ڪيو ھيو جنھن ۾ سنڌ جو وڏو وزيز سيد مرادعلي شاھ وزيرصحت ڊاڪٽرعذرا پيچوھو شريڪ ٿيا ھيا ايس آءِ يو ٽي لاڙڪاڻي جي انتظاميا ان وقت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير آڏو جيڪو چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ھيو اھو اڻپورو ھيو ان جي ڪري لاڙڪاڻي سميت دادو ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن مان ايندڙ مريض سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن ھن وقت جنھن بلڊنگ ۾ ايس آءِ يو ٽي ڊائيلاسز يونٽ ڪم ڪري پيو ان جي ڀرسان ٻه ايڪڙن زمين پڻ آھي جنھن کي پڻ ايس آءِ يو ٽي حوالي ڪيو ويو آھي جيڪڏنھن ان پلاٽ تي ايس آءِ يو ٽي جي نئين بلڊنگ ٺاھي ان کي جديد طرز تي ٺاھي شھيد راڻي جي خواب کي پورو ڪيو وڃي جنھن پنھنجي اباڻي شھر واسين سان اھو واعدو ڪيو ھيو ته جڏنھن به ھاڻي ھوءِ اقتدار ۾ آئي ته پوءِ لاڙڪاڻي واسين صحت تعليم سميت سڀ سھولتون مھيا ڪيون وينديو اڄ شھيد راڻي جي 15 ھين ورسي آھي ان ورسي جي موقعي تي شھيد راڻي جي شھر واسين سان ڪيل واعدا شھيد راڻي جي جگر جو ٽڪڙو پورو ڪري ڏيکاريندو ته سڀ لاڙڪاڻي واسي سندس جا اڃا وڌيڪ پرستار بڻجي ويندا واضع ڪندو ھلان ته ھن وقت ايس آءِ يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر تي روزاني جي بنياد تي صرف ٻن شفٽن تي لاچار مريضن جي گردن جي صفائي ڪئي ويندي آھي جڏنھن ته اھي مريض ويچارا جڏنھن سندن کي رت جي چڪاس ۽ رت جي ڪمي ٿيندي آھي ته پوء ليباريٽري نه ھجڻ جي ڪري کين مجبورن ايس آء يوٽي لاڙڪاڻي کان ايس آءِ يو ٽي سکر موڪليو ويندو آھي جيڪو گردا خراب مريضن لاءِ عذاب کان گھٽ نه آھي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ او پي ڊي ۽ ايمرجنسي وارڊ نه ھجڻ جي ڪري پري پري کان ايندڙ مريض بنا علاج جي واپس ڪيا ويندا آھن ھتي آءِ سلام پيش ڪريان ٿو انسان دوست مريض دوست ڊاڪٽر رجب ديناري صاحب کي جيڪو اوپي ڊي نه ھجڻ باوجود پري پري کان ايندڙ ڪجھ بي پھچ ۽ مسڪين لاچار مريضن کي اتي پنھنجي آفيس ۾ گھرائي سندن جو تپاس ڪري کين مفت ۾ علاج ۽ مشورا ڏيندو آھن جنھن جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ آھي ڊاڪٽر اديب رضوي جڏنھن ٻاھرين ملڪ مان تعليم حاصل ڪري پنھنجي ملڪ وريو ته ان وقت سندس جو ساٿ شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو ڏنو ھيو جنھن کيس سول اسپتال ڪراچي ۾ ٽين منزل تي ايمرجنسي يورولاجي سينٽر جو قيام ڪري ڏنو ھيو جتي صرف ھڪ ٻه ڊائيلاسز مشينن تي ڪم شروع ڪيائين جنھن بعد سال 2010 ۾ شھيد راڻي جي نقش قدم تي ھلندي مرد مجاھد آصف علي زرداري پاران ڪراچي ۾ ديوان فاروق ۽ ديوان حنيفا سليمان بلڊنگز ٺھرائي ايس آء يو ٽي جي باني ڊاڪٽر اديڀ رضوي جي حوالي ڪيا جتي ھن وقت ھر روز ھزارين مريضن جي گردن جي صفائي سوين مريضن جي پٿري جو علاج ۽ پيشاب جي مختلف مرضن ۾ وڪوڙيل مريضن جو مفت ۾ علاج سميت سندن جو سموريون ٽيسٽون پڻ مفت ۾ ڪيون وينديون آھن ان کان علاوا دوائون پڻ کين مفت ملنديون آھن. اڄ لاڙڪاڻي جي سينيٽر کي به شھيدراڻي ۽ مرد مجاھد آصف علي زرداري جي جگر جي ٽڪڙي بلاول ڀٽو زرداري مان ساڳي اميد آھي ته بلاول ڀٽو زرداري ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر لاء نئين بلڊنگ انٽرنيشنل سھلوتن واري ليباريٽري او پي ڊي سميت ايمرجنسي وارڊ جنھن ۾ ڪجھ وينٽليٽر ۽ ٻاھرين شھرن جي ڪافي خراب طبيعت وارن مريضن جي لاء ميل ۽ فيميل وارڊ جو قيام ڪرائي الٽراسائونڊ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ۽ مشينري ڏياري پنھنجي امڙ جي شھر کي صحت جي سھولتن جي کوٽ مان نجات ڏياري ۽ سنڌ حڪومت تي زور وجھي بنا دير ايس آءِ يو ٽي لاڙڪاڻي جي نئين بلڊنگ جو ڪم شروع ڪرايو وڃي اڄ جيڪڏنھن عوام کي صحت جو سھولتون ڏينداسين ته سڀاڻي اھو ساڳيو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي کي سندس ڪيل خدمتن جي حوالي سان اکيون ٻوٽي ووٽ ڪندا
Adnanbrohizehri@gmail.com
