باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقا موومينٽ پاران 183هين هفتي به احتجاج جاري رکيو ويو

باڊهه (رپورٽ: جي ايم چنجڻي) باڊهه شهر کي بنيادي حق تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقا موومينٽ پاران 183هين هفتي به باڊهه تعلقا موومينٽ ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي ۽ ڊپٽي ڪنوينر ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي علمي ادبي صحافتي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي، علي انور عسڪري، حفاظت علي مسڻ، اصغر نوناري، نبي رضا بلوچ، مظهر نوشاد ڦلپوٽو ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي ۽ ٻين چيو ته گذريل 183 هفتن کان باڊهه شهر جا غيرتمند فرد گرمين سردين طوفان بارشن ۾ به روڊن تي بيٺا آهن پر سنڌ حڪومت توڙي مقامي چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جوون به نٿي سري، باڊهه شهر جي ڀيٽ ۾ ڀرپاسي ۾ جن شهرن کي تعلقي جا درجا مليل آهن ڇا انهن جي آبادي ۽ ايراضي باڊهه شهر جيتري آهي؟ هرگز نه، باڊهه شهر لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو تاريخي ۽ ماضي جو ڪاروباري شهر رهيو آهي جيڪو مسلسل نظرانداز ٿيڻ ڪري پنهنجي ڪاروباري حيثيت وڃائي چڪو آهي هينئر عالم اهيو آهي ته باڊهه شهر کان مختلف شهرن ڏانھن ويندڙ روڊ رستا اکڙيل آهن، شهر ۾ بائي پاس ناهي، ٽيڪسي اسٽينڊ ناهي، پبلڪ پارڪ ناهي، ڪميونٽي ھال ناهي، سبزي مارڪيٽ ناهي، شهر جي چوڪن چوراهن تي گندگي جا ڍير پيل آهي جن مان اٿندڙ بدبوءِ شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف گٽرن جو سسٽم ناڪارا هئڻ ڪري گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهجي وڃي ٿو جنهن سبب شهري بيمار ٿي وڃن ٿا. الميو اهيو آهي ته ڏيڍ لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر کي رورل هيلٿ سينٽر يعني(ڳوٺاڻو صحت مرڪز) مليل آهي جيڪو پڻ صحت جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته باڊهه شهر جي ترقي ۽ خوشحالي فقط باڊهه کي تعلقي جو درجو ملڻ ۾ آهي تنهنڪري اسان گذريل چئن سالن کان نه رڳو باڊهه پر سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کان ويندي علاقي جي نمائندن تائين پنهنجو جائز مطالبو پهچايو آهي جن ڪيترائي ڀيرا واعدا ڪيا آهن پر سندن ڪيل واعدا اڄ ڏينهن تائين وفا نه ٿي سگهيا آهن هنن وڌيڪ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪندي چيو ته باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي باڊهه واسين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ تيستائين احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نٿو ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں