بدين ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

بدين(ڊ ر) آئي بي اي سکر ۾ استادن جي ٽيسٽ ڏيندڙ 40 کان 50 تائين مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن اياز علي ملاح، محمد پنهور، مير مرتضيٰ ٽالپر، غلام قادر سومرو، ساجد پنهور، صبا شاهه، ڪامران ڪنڀار، بشريٰ نور علي ۽ شڪيلا آرائين جي اڳواڻي ۾ بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي هنن چيو ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايلمنٽري سيڪنڊري هاير سيڪنڊري پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري تعلقي ۾ پرائمري استادن جي خالي پيل سيٽن جو تعداد لڪايو آهي هنن چيو تعلقي بدين ۾ خالي پيل سيٽن 471 مان پهرين ۽ ٻئي فيز ۾ جوائننگ ڪندڙ اميدوارن ۽ ٻين هٿ ڪيل انگن اکرن موجب هن وقت به تعلقي بدين ۾ 64 پي ايس ٽي جون سيٽون خالي پيل آهي پر انهن کي ظاهر ڪري آفر آرڊر جاري نه ٿا ڪيا وڃن هنن چيو ته ڊي آر سي آڏو پيش نه ٿيندڙ پنهنجا فائل جمع نه ڪرائيندڙ ۽ ٻن پوسٽن تي اهل قرار ڏنل اميدوارن طرفان هڪ پوسٽ تي جوائننگ ڪندڙ اميدوارن کي فائنل ميرٽ لسٽ مان ڪڍي ويٽنگ اميدوارن کي شامل ڪرڻ بجاءِ سندن نالا بار بار ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪري ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن جو حق ماريو پيو وڃي هنن چيو ته تعليم کاتي بدين جو سڄي لک پڙهه جو ڪارونهوار سوشل ميڊيا خاص ڪري واٽس ايپ گروپن تي هلي رهيو آهي اهي ايتري قدر جو پهرين فيز ۾ جي اي ايس ٽي پي ايس ٽي جا آفر آرڊر وصول نہ ڪندڙ يان جوائننگ نہ ڪندڙ اميدوارن جا نالا اخبارن شايع  نه ڪرائي کين آفر آرڊر ۽ ڏيڻ جو آپشن برقرار رکيو ويو ته جيئن کاتي جا ڪامورا کين آفر آرڊر ۽ جوائننگ ڏيڻ عيوض رشوت وٺي پيٽ ڀري سگهن هنن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي ۾ استادن جون پوسٽون لڪائڻ جو نوٽيس ورتو وڃي تعلقي بدين رهيل اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں