بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم آهي: سيد مهدي شاهه

نئون ديرو(ن س) گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو گلگت بلتستان جي ماڻهن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن ڪري اتان جو عوام اڄ به کيس وڏي شدت سان ياد ڪري ٿو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سيد مهدي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي. شهيدن قائدين جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد مزار اندر ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مهدي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان هر سال پنهنجي شهيد قائدين کي ورسي جي ڏهاڙن تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هتي پهچندا آهيون ۽ اڄ به شهيد محترمه کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هتي آيو آهيان. ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منهنجي مٿان اعتماد ڪري گلگت بلتستان جو وزير اعليٰ بڻايو ۽ اڄ آئون اتي گورنر آهيان. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد قائدين جي مشن کي ڪاميابي سان کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اسان کي گهرجي ته ان جا هٿ مضبوط ڪريون ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم آهي. ان موقعي تي مرزا حسين ۽ ٻيا سيد مهدي شاهه سان گڏ هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں