سنڌ هميشه حملي آورن جو مقابلو ڪندو رهي آهي، حملن باوجود ٻيهر اٿي کڙي ٿي آهي: مدد علي سنڌي

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “ڇا نعرا هئا، ڇا نينهن هو، اياز جي تخليق جا نظرياتي سرچشما ۽ سنڌ جي سياسي هلچل” جي موضوع هيٺ سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊريٽر ناز سهتو، سيشن جا مقرر ناميارو اديب مدد علي سنڌي، پروفيسر امداد چانڊيو ۽ عائشه صديقي هئا. ان موقعي تي اديب مدد علي سنڌي چيو ته اياز جي سياست واري موضوع تي جيترو به ڳالهائجي، اهو گهٽ آهي، سنڌ هميشه حملي آورن جو مقابلو ڪندو رهي آهي، اها ئي سنڌ حملن باوجود ٻيهر اٿي کڙي ٿي آهي، سنڌ جو سياسي پسمنظر انتهائي شاندار رهيو آهي، شيخ اياز جنهن دور ۾ اک کولي اهو دور انتهائي خوش اسلوب دور هو، اياز تي ڀڳت سنگهه جو وڏو اثر رهيو آهي، ان کيس متاثر ڪيو هو، اياز تي سياسي اثر تمام گهڻو رهيو آهي، اياز جي سياسي فڪر تي ڪنهن ڪتاب ئي نه لکيو آهي، ماضي قريب جي سياست تمام اهم هوندي آهي، ان تي نٿو لکيو وڃي، اياز تي سنڌ جي سياسي اثر جو پوڻ ضروري هو، هر انسان جي اندر ۾ عاشق آهي، سياسي دورن تي لکڻ گهرجي، جيئن سنڌ جو سياسي دور قلمبند ٿي سگهي، سنڌ جا اهڙا ئي ڪيترائي سياست جا قصا آهن، جيڪي ڪٿي به رڪارڊ ناهن ڪيا ويا. اياز  کي 65ع جي جنگ دوران قيد ڪيو ويو، 68ع ۽ 71ع ۾  به 6 مهينا قيد ڪيو ويو، اياز هيمون، سورهيه بادشاهه ۽ اشوڪ ڪمار وارن واقعن تي ان ڪري به نه لکيو، هو ان وقت گهٻرايل هو. عائشه صديقي آن لائين سيشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي نالائقي ۽ جهالت تي تڪيلف ٿي، ان جو سبب اياز کي نه پڙهڻ هو، سياست کي سکڻ لاءِ اياز جو مطالعو ضروري آهي، هڪ شاعر سکي ٿو، پاڻ ٻڌائيندو آهي، اهو ادب جيڪو ان زمان جي تڪليفن ۽ دردن کي بيان نٿو ڪري، اهو ادب نٿو ٿي سگهي، اياز جي نظر صرف سنڌ تي نه پر سڄي دنيا تي هئي، هو مڪمل سياستدان هو پر هو ڪنهن مان متاثر نه هو، هو پنهنجي مٽيءَ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندڙ شاعر هو، اياز اهو تاثر ڏئي ويو آهي ته وطن ۽ زبان سان محبت کي سياست ۾ کڻي هلي سگهجي ٿو، اياز جي ظلم خلاف ۽ پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيهڻ جي ڪمٽمينٽ شاندار هئي، اياز جي شاعريءَ ۾ مٽيءَ جي خوشبو ملي ٿي. پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته اياز چند انهن شخصيتن مان آهي، جن پنهنجي شاعري ۽ لکڻين سان گڏ پنهنجي جدوجهد ذريعي قوم جي خدمت ڪئي آهي، اياز چوي ٿو ته شاعري لامحدود آهي، اياز اسان جي نسل لاءِ روشن راهه پيدا ڪئي آهي، هن پنهنجي لفظن ذريعي مزاحمت ڪئي، هن جي شاعري اسان کي قيدخاني ۾ به اتساهيندي هئي، جيل مان ڪو قيدي ساٿي آزاد ٿيندو هو ته اسان ان کي اياز جي شاعري سان الوداع ڪندا هئاسين، هن سياسي ڪارڪنن کي متاثر ڪيو آهي، اياز چوي ٿو ته ادب ۾ ڪو پيغام ناهي ته اهو ادب ڪم جو نٿو ٿي سگهي، ٻه قومي نظرئي جي آڙ ۾ قومن جي وجود کي تسليم ناهي ڪيو ويو، ماڻهن جي آواز کي دٻايو ويو آهي، اياز سنڌ جي سياسي ۽ ادب جي تاريخ ۾ مثال بڻيو آهي، اياز جي لکڻين ۾ جيڪو اهميت وارو نظام آهي، اهو سيڪيولر ازم وارو رهيو آهي، اياز ڪٿي به رجعت پرست ناهي ٿيو، اياز اظهار جي آزادي تي ڪوبه ڪمپرومائيز ناهي ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں