لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ شهري اتحاد ضلعي لاڙڪاڻو پاران باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جو 146 جنم ڏينهن ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن جي شروعات قومي تراني سان ڪرڻ بعد سنڌ شهري اتحاد لاڙڪاڻو جي اڳواڻن ضلعي صدر سيد رستم شاهه، ڊويزنل صدر امداد شيخ، سٽي صدر معشوق علي شيخ، ايڊوڪيٽ طارق نعيم اعواڻ، ڊاڪٽر حسين علي کوسو، آصف علي ديدار شيخ ۽ ٻين سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب ۾ ملڪي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.
