لاڙڪاڻي ۾ مسيحي برادريءَ پاران ڪرسمس جي تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري پاران شهر جي سينٽ جوزف ڪيٿولڪ چرچ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ فادر يعقوب، اينٿوني، دائود، خرم مسيح سميت مسيحي برادري جي عورتن ۽ ٻارن نوان ويس وڳا پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ اسڪولي ٻارڙن سانٿا ڪلاس جو لباس پائي گيتن تي رقص ڪري ٽيبلوز پيش ڪيا. بعد ۾ مسيحي برادري جي اڳواڻن گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي ملڪي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 25 ڊسمبر حضرت عيسيٰ عليه السلام جي جنم جو ڏينهن آهي، هن ڏينهن کي اسان نهايت ئي عقيدت، احترام، جوش ۽ جذبي سان ملهائي تقريبون ڪوٺائي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندا آهيون. هنن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسان جي لاءِ عيد جو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن اسين نوان ويس وڳا پائي سٺا کاڌا تيار ڪري هڪ ٻئي کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندا آهيون. هنن چيو ته سنڌ حڪومت، لاڙڪاڻو انتظاميه ۽ ضلعي پوليس ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ اسان سان ڀرپور سهڪار ڪيو. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرسمس جي حوالي سان نڪتل امن ريلي ۾ نه صرف مسيحي پر مسلمانن، هندو ۽ ٻين برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري اسان جي زبردست حوصلا افزائي ڪري پوري دنيا کي امن، محبت، ڀائيچاري ۽ سلامتي جو پيغام ڏنو، ان سلسلي کي مستقبل ۾ به جاري رکي مذهبي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں