ملير ۾ وادي مهراڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران سنڌي-اردو مشاعرو منعقد ڪيو ويو

ملير(ڊ.ر) وادي مهران ويلفيئر ايسوسيئشن پاران سنڌي اردو مشاعرو ناليواري شاعر انور شعور سميت اردو سنڌي جي بهترين شاعرن جي شرڪت،شاعرن پنهنجي جذبن جي اظهار ۾ محفل کي مچائي ڇڏيو، مشاعري ۾ مهمان خاص مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينٽر ۽ اڳوڻي چيئرمين پاڪستان اسٽيل مل ليفٽينٽ جرنل (ر) عبدالقيوم، صوبائي وزير ساجد جوکيو سميت ٻين مهمانن شرڪت ڪئي، مشاعري ۾ سنڌي اردو جي ناليوارن شاعرن پنهنجي شاعري ذريعي داد ماڻيو، مشاعري کي خطاب ڪندي جرنل (ر) عبدالقيوم چيو ته مهراڻ ويلفيئر آرگنائيزشن اڄ جي گهما گهمي واري صورتحال ۾ هي محفل ڪوٺائي ماڻهن کي جمود واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍي انهن جي دل جي ترجماني ڪئي آهي، اهڙن مشاعرن ذريعي محبت، ڀائيچاري ۽ پهنجائپ جو احساس جو ذريعو بڻجن ٿا، هن چيو ته مان هڪ فوجي جرنل ضرور آهيان پر منهنجي اندر ۾ هڪ شاعر موجود آهي جيڪو اهڙين محفلن ۾ جذباتي طور ظاهر ٿئي ٿو، هن چيو ته اڄ جي ڪشمڪش واري دور ۾ جتي انسان معاشي طور تي ڀنور ۾ قيد آهي، اتي اهڙين محفلن انسان کي زنده دلي طرف آڻي ٿو، مشاعري کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته اسان کي پهنجائپ جو احساس ۽ جذبن جو اظهار مشاعري جي محفلن مان ملي ٿو، انسان جڏهن پنهنجي اندر جي جذبن کي شاعري جي ذريعي پنهنجي حقيقي جذبن جو لفظن ۾ اظهار ڪري ٿو ته هوءِ پنهنجي اندر جا سمورا ڏک سور وساري ڇڏي ٿو، هن چيو ته اهڙيون محفلون انسان جي روح جون غذا بڻجن ٿيون جتي ڪجهه وقت لاءِ اسان پاڻ کي انتهائي خوش قسمت سمجهون ٿا ۽دنيا جي اهنجن کان بالاتر ٿي وڃون ٿا، مشاعري جي صدارت ڪندڙ ناليواري شاعر انور شعور چيو ته سنڌي ۽ اردو مشاعرو واريون محفلون هڪ اهڙو سٺو سنوڻ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي مختلف ٻولين ڳالهائيندڙ پاڻ ۾ محبت ۽ ملنسازي جو درس ملي ٿو، مهراڻ آرگنائيزشن جنهن ريت مشاعري جي هي نشست قابل داد آهي، هن چيو ته شاعر پنهنجي شاعري ذريعي انسانن جي اندر جو جذباتي منظر پيش ڪن ٿا تنهن ۾ انهن کي راحت ملي ٿي، مشاعري ۾ مردن توڙي عورتن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وادي مهراڻ سوشل آرگنائيزشن سرپرست اعليٰ شيخ ڪاشف اعجاز شاعرن ۽ مهمانن کي سنڌ جي ثقافت جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ڏنا جڏهن ته ملڪ جي ناليواري شاعرن اختر سعيدي، اجمل سراج، سڪندر سرواڻ، امتياز دانش،زاهد عباس، عبدالرحمان مومون، سيمانُ نويد، نذير چنا،عبدالغفار عبد، مظهر اڄڻ، نجيب ايوبي، حيدر علي حيدر، قمبر ٻٽ، اجمل سراج، محمد علي گوهر، اي ايڇ خانزاده ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں