ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ضلعي ۾ اٽي جي اگھن ۾ واڌ ۽ سرڪاري اگهه تي شھرين کي اٽو نه ملڻ جي عوامي شڪايتن جو خوراڪ کاتي نوٽس وٺندي شھر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن ان سلسلي ۾ ڊي ايف سي وسيم ابڙو ٻڌايو ته خوراڪ کاتي پاران سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ فلور ملز ۽ اٽا چڪين کي فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ضلعي جي وڏي آبادي ھجڻ ڪري شھرين کي سرڪاري اگهه تي اٽي جي حاصلات م مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئي پيو جنھن بعد ھنگامي بنيادن ۾ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ 27 سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن جنھن ۾ 10 اسٽال ميرپورخاص شھر ۾ لڳايا ويا آهن ته جيئن شھري آساني سان سرڪاري اگهه تي اٽو خريد ڪري سگھن ھن وڌيڪ چيو ته في اسٽال تي روز جي بنياد تي 10 ڪلو اٽي جا 600 بيگ فراهم ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته ت خوراڪ کاتي جي اھڙي عمل تي شھرين ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آهي
