ميڊيا مان اها اميد نٿي ڪري سگهجي ته جمهوريت جي دفاع لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪندي: غازي صلاح الدين

حيدرآباد؛ اياز ميلي ۾ “جمهوريت جو بحران، ميڊيا جو ڪردار” جي عنوان هيٺ ٿيل ويهڪ ۾ نامياري دانشور ۽ صحافي غازي صلاح الدين چيو ته هن وقت ميڊيا جو ڪردار جمهوريت جي دفاع ۾ نظر نٿو اچي، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جو ماڻهن جي ذهنن تي قبضو آهي، هن وقت ميڊيا جي سمورن حصن جو ملڪ جي اصل مسئلن تان ڌيان هٽيل آهي، ميڊيا پنهنجن اصولن جي به لتاڙ ڪئي آهي، ان ڪري ميڊيا مان اها اميد نٿي ڪري سگهجي ته اها پاڪستان ۾ جمهوريت جي دفاع جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندي. هن چيو ته نيويارڪ ٽائيمز جا ٻه ڪالم پڙهيا جنهن ۾ هڪ ڪالم پڙهندي اهو محسوس ڪيو ته سوشل ميڊيا نه هجي ها ته شايد سٺو ٿئي ها. هن چيو ته اڄ احتجاج جا طريقا تبديل ٿي ويا آهن، اڄ ملڪ ۾ انٽيليجينشيا ڪمزور ٿي وئي آهي. هن چيو ته جمهوري ادارا موجود ناهن ته اسان کي جمهوريت کي مضبوط ڪندڙ قوت پيدا ڪرڻ گهرجي، طاقت جا قسم مختلف هوندا آهن، جمهوريت ۾ عوام جي اظهار جي هڪ الڳ طاقت هوندي آهي. هن چيو ته سوال ڪرڻ جي آزادي ان ڪري ناهي ته سوال ڪرڻ تي هتي رياستي آپريشن ٿي وڃي ٿو، پر علم جي کوٽ به اسان کي سوال ڪرڻ کان روڪي ٿي. هن چيو ته صحافت ۽ سياست جا مسئلا ساڳيا آهن، صحافت ۽ سياست کي بدلائڻ سڄي معاشري جو مسئلو آهي. تجزيا نگار ۽ صحافي وسعت الله خان چيو ته منهنجو بنيادي سوال آهي ته ڇا هتي جمهوريت آهي، ان کانپوءِ ئي جمهوريت جي بحران جو سوال ٿي سگهي ٿو، ميڊيا پاڻ پنهنجي وجود کي بچائڻ جي پريشاني ۾ ورتل آهي، ميڊيا ٻين جي خبر جو ٺيڪيدار بڻيل آهي، پر ميڊيا جي اندر جيڪو ڪجهه هلي رهيو آهي، ان جي ڪنهن خبر ناهي، هتي ڪوڙ کي متبادل سچائي جو نالو ڏنو ويو آهي، ڪوڙ کي آرٽيفشل بيساکيون ملي ويون آهن، سچ هڪ هنڌ بيٺو هوندو آهي ۽ ڪوڙ دنيا جا 3 چڪري هڻي چڪو هوندو آهي، اهو به سوال آهي ته خود ميڊيا ۾ ڪيتري جمهوريت آهي. هن چيو ته طاقت نالو ئي ظلم ۽ ٻئي کي ختم ڪرڻ جو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ مودي 2014ع کان ووٽ جي ذريعي ڀارت تي مڙهيل آهي، اتي مودي خلاف پاڪستان کان وڌيڪ مزاحمت ٿي رهي آهي، پر مودي موجود آهي، ميڊيا نظرياتي طور تي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو پر لوهه کي لوهه ئي ڪٽي سگهي ٿو، جمهوريت جو نالو رڳو ووٽنگ ئي آهي ته پوءِ ايران، چين ۽ ڪويت ۾ به پارليامينٽ آهي، اسان جي سياستدانن کي پنهنجن ووٽرن تي ايترو اعتبار آهي جو ضمني چونڊن ۾ به حصو وٺن ٿا ته درگاهه شريف راولپنڊي تي به حاضري ڀرين ٿا. هن چيو ته اسان جنهن کي اسٽيبلشمينٽ چئون ٿا اها اسٽيبلشمينٽ ناهي، اسان جي اسٽيبلشمينٽ ملڪ رياض، فارماسٽيڪل، پيٽروليم، داوا ساز ۽ موبائل فون ڪمپنيون آهن، اهي رازق ۽ ڪنٽرولنگ اٿارٽي آهن، انهن جي راضن جو تحفظ رياست ڪندي آهي، انهن جو نالو کڻڻ سان رياست ڊڄي وڃي ٿي. نامياري تجزيا نگار ۽ صحافي اويس توحيد چيو ته اسان جي ٽهي اهو چئي ٿي ته اڄ جا نوجوان پڙهن نٿا، پر اهو غلط آهي، پڙهڻ جو رجحان تمام گهڻو آهي. هن چيو ته ميڊيا به اسان جي سماج مان نڪتي آهي، صحافي جيڪڏهن ڪنهن کان سوال ڪري ته ان جي بدلي ۾ سندس گهر تي ڇاپو لڳي وڃي ٿو، رپورٽر کي ڌمڪايو وڃي، جنرل باجوا چئي ويو ته پوئين فيبروري تائين اسان نيوٽرل نه هئاسين پر هاڻ نيوٽرل آهيون، پر سنڌ ۾ ڪامران ٽسوري جي گورنر لڳڻ مان نٿو لڳي ته نيوٽرل ٿي ويا آهن. هن چيو ته جمهوريت جي لاءِ سنڌ جي ماڻهن قرباني ڏني آهي، جمهوريت جي لاءِ ان ڪري قربانيون نه ڏنيون هيون ته هتي رڳو زرداري جي حڪومت هجي، اسان پارلياماني جمهوريت کي قبول ڪيو آهي، پر اسان پنهنجن ادارن ۽ سياسي جماعتن ۾ جمهوريت کي وڌڻ نه ڏنو آهي. هن چيو ته جنرل باجوا چيو هو ته هاڻ اسان مداخلت ڪنداسين ته هاڻ نئين قيادت کي به چونداسين ته پنهنجي واعدي تي قائم رهي، شهباز شريف بار بار لنڊن نه وڃو، جيڪو فيصلو ڪيو هتي ئي ڪريو، هتي سوال ڪرڻ جي آزادي ناهي، طاقتور وڌيڪ طاقتور ٿي رهيو آهي، ميڊيا جو بحران سماج جو بحران آهي، پاڪستان جا 3 حصا ٻوڏ جي ڪري پاڻي هيٺ هو ۽ ميڊيا ٻئي پاسي لڳل هو، ٽي وي چئنل سياسي پارٽين جا ترجمان بڻجي ويا آهن، آرٽ ۽ ثقافت کي ثقافت بڻائي ئي اسان مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي سان وڙهي سگهون ٿا، آرٽ ۽ ثقافت اسان جي هزارن سالن جي سڃاڻپ رهي آهي. نامياري صحافي شاهزيب جيلاني چيو ته اسان جهڙي به جمهوريت رهي آهي ان جي لاءِ ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن، جيلن جون سختيون ۽ ڪوڙا برداشت ڪيا آهن، ميڊيا جي اندر واقعي خرابيون آهن. هن چيو ته اسان وٽ هاڻ ڪمان جي تبديلي ٿي آهي، ان مان خبر پوندي ته ڪيتري جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي ممڪن ٿي سگهندي، صحافت جي حوالي سان بنيادي حق مليل هجڻ ضروري آهي، اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، جدوجهد جاري رکڻ گهرجي، اسان کان وڌيڪ بدتر ملڪ هن دنيا ۾ موجود آهن، ان ڪري نوجوانن مان اميدون رکڻ گهرجن، اخبار کان ٽي وي آيو ۽ سوشل ميڊيا اچي وئي، پر صحافت موجود آهي ۽ اڳتي به رهندي. هن چيو ته گيم جا رول طئه ڪرڻا پوندا، هتي پارلياماني جمهوريت آهي جنهن ۾ سمورن جو ڪردار واضح ٿيل آهي، ان ڪري هر اداري کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان عوامي مسئلن تي پروگرام ڪيون ٿا ته ان تي ريٽنگ نٿي اچي، جيڪڏهن ان جي جاءِ تي سياسي ويڙهه تي پروگرام ڪيون ٿا ته ريٽنگ وڌي وڃي ٿي، اها ڳالهه درست آهي ته ميڊيا جي حالت خراب آهي پر ان ميڊيا ۾ ڪيترائي اهڙا سٺا ماڻهو موجود آهن جيڪي عوام دوست ۽ جمهوريت دوست ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نامياري صحافي مهيش ڪمار چيو ته جيڪا ميڊيا پرچي ۽ فيڊنگ ميڊيا بڻجي وئي آهي، اها جمهوريت جي لاءِ ڪهڙي ڳالهه ڪندو، سڄي سنڌ ۽ بلوچستان ٻوڏ ۾ ٻڏو پيو هو، پر ميڊيا شهباز گل ۽ اعظم سواتي تي نظرون رکيو ويٺو هو، اسان وٽ جمهوريت کي رڳو پارلياماني نظام ۽ ووٽ کي جمهوريت چيو وڃي ٿو، پاڪستان جنهن نقطي تي ٺاهيو ويو ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي، اقليتن سان ظلم ٿئي ٿو، ملڪ کي ظلم ڪري ٽوڙيو ويو، قائد اعظم چيو هو ته هر شهري کي برابري جي بنياد تي حق ملندا، پر هتي ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۽ سياسي پارٽين کي هاڻ بدلجڻو پوندو، جمهوريت کي سياسي پارٽيون ئي مضبوط ڪري سگهن ٿيون ۽ جمهوريت جي مضبوطي سان ميڊيا پاڻ ئي تبديل ٿي ويندي. هن چيو ته خواب ڏسڻ تي ڪا بندش ناهي، اسٽيبلشمينٽ رڳو فوج ناهي، اها عدليا ۽ ٻين ادارن ۾ موجود آهي، ان ڪري سياسي پارٽين کي سوچڻو پوندو، هاڻ سمورين سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ ويهڻ گهرجي ۽ نئين سري سان چارٽر آف ڊيموڪريسي ڪرڻ گهرجي.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں