نام نھاد عوامي حڪومت عوام کي ھٿ سان ٻوڙي تباهه ڪيو:پاڪستان نوجوان تحريڪ

ڪوٽڙي (رپورٽ:وقار هيسباڻي) ڪوٽڙي ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي جي سمورين آبادين ۾ بنيادي سھوليتن جي کوٽ خاص پيئڻ جي پاڻي جي بحران صفائي جي فقدان تعمير ٿيندڙ نالين روڊن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال ۽ ڪچي پڙي جي وصولي تي ھلندڙ رساڪشي جي خلاف پاڪستان نوجوان تحريڪ پاران خدا جي بستي نمبر 3 ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي اين ٽي چيئرمين عبدالستار لھر چيو ته نام نھاد عوامي حڪومت عوام کي ھڪ طرف ھٿ سان ٻوڙي تباه ڪيو، لکين ٻوڏ متاثر کلي آسمان ھيٺ ٿڌ ۾ تڙپي رھيا آهن ته ٻي طرف ڪراچي واھ ويجهي ھوندي ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي جي اڪثر ڪالونين کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو واٽر ٽينڪر مافيا عوام کي ڦري رھي آهي واٽر مافيا سان ڀاڳي ڀائيوار آهن ستم ظرفي اھا آهي ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي کي يرغمال بڻائي لٽي ڦري تباه ڪيو ويو عملي جي لوڌ ھجڻ باوجود صفائي جو فقدان آهي ڊرينج سسٽم نه ھجڻ ڪري گھٽين ۾ گندي پاڻي جا تلاء ۽ گندگي جا ڍير عوام لاء آزار بڻجي ويا آهن دانهن ڪوڪن رڙين تي ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي ضلعي انتظاميا ڊي سي ڄامشورو پبلڪ ھيلٿ کاتو ڄامشورو MC ٻولھاڙي جو ايڊمنسٽريٽر پنهنجي قرضن کان ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن. جنوري 2023 کان ٽن مھينن تائين اصولي اخلاقي ۽ پر امن جدوجهد جو سلسلو ھلايو ويندو آبادين جي مختلف چوڪن تي عوامي عدالتون لڳايون وينديون عوامي رابطا مھم ھلائي ويندي ۽ پوء احتجاجي مظاھرا ڌرڻا ۽ پوء ذميوار ۽ وس وارن ڌرين خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں