ملير(ڊ.ر) جي يو آئي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو۽ سندس ڀاءۡ ناصر محمود سومرو پرفيسر سرجن ڊاڪٽر شاھ محمد نوناري جي والد جي لاڏاڻي تي سنڌي مسلم سو سائٽي ۾ تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ ملير سميت ٻين هنڌن تي قائم ڪيل ٽينٽ سٽيز ۾ ترسيل سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل ٻوڏ متاثرين کي حڪومت سنڌ پاران واپس پنهنجن شهرن ڳوٺن ڏانهن موڪلڻ وارو فيصلو جلد بازي وارو آهي هن وقت سنڌ جا ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ متاثر جي بحالي لاءِ جيڪي حڪومتي واعدا ڪيا هئا تن کي پوري ڪري انهن جا گهر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري ته جيئن هو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ايئن نه ڪيو ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) پاران ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ صوبي ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، حڪومت کي گهرجي ته ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ متاثرين کي سهولتون کاڌ خوراڪ فراهم ڪري،ان موقعي تي ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضي چانڊيو، سجاد ڇڄڙو، ظهير ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.
