ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ڪيو ويو

سڪرنڊ ( رپورٽ : حاجي عبد الله مگسي ) ايم پي اي فريال ٽالپر ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ڪيو جنهن بعد ٿيليسميا جي ٻارن سان ملاقات پڻ ڪئي ساڻس گڏ ضياء الحسن لنجار ، صوبائي وزير سردار علي شاھ ۽ ايم پي قاسم سومرو پڻ هئا ان موقعي تي سينٽر جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد صادق سيال ۽ غلام نبي چنه کيس اداري جي مختلف شعبن جو معائنو ڪرايو افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته مونکي خوشي ان ڪري به وڌيڪ ٿي رهي آهي جو اڄ کان پندرنهن سال اڳ بابا سائين حاڪم علي زرداري جو پوکيل ٻوٽو اڄ وڌي وڻ ٿي چڪو آهي مان بابا سائين جي پوکيل ٻوٽي جي پهرين ڏينهن کان آبياري ڪندي اچان هن چيو ته هن اداري جي ٽيم جي محنت جي جيڪڏھن ساراھ ڪجي ته لفظ کُٽي پوندا اڍائي هزار ٻارن کي رت لڳائڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي فريال ٽالپر چيئرمين پروفيسر علي بخش سومرو کي پڪ ڏياري ته ماضيءَ جيان هو ساڻن هر وقت سهڪاري رهندي ٿيليسميا جا ٻار مان پنهنجا ٻار سمجهندي آهي افتتاحي تقريب ۾ ايگزيڪيٽو ڪائونسل جا ميمبر سيد محمد منير شاھ ، صدرالدين ميمڻ ، قاضي جاويد سنائي ، چوڌري ظفرحسين آرائين ، ڊاڪٽر نظر ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ڪرن عامر پڻ موجود هئا ان کان اڳ ٿيليسميا جي ٻارڙن دانش تنيو ۽ بيبي ڪرن جي اڳواڻيءَ ۾ فريال ٽالپر کي گلدستا پيش ڪيا جڏھن ته ڊاڪٽر اسماء آرائين آجياڻو پيش ڪيو. ان موقعي تي منصور پاشا ، مجيب الرحمان خاصخيلي ، ڊاڪٽر شهزاد راٺوڙ ۽ عبدالرزاق گهانگرو پڻ موجود هئا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں