73ع جو آئين ملڪ جي شهرين، گم ٿيل ماڻهن ۽ اقليتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو اٺون اياز ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، ميلي ۾ مختلف ويهڪن ۾ سياستدانن، قانوندانن، تاريخدانن، دانشورن، ليکڪن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي اصل اسٽيبلشمينٽ ملڪ رياض، فارماسٽيڪل، پيٽروليم، دوا ساز ۽ موبائل فون ڪمپنيون آهن، اهي رازق ۽ ڪنٽرولنگ اٿارٽي آهن، انهن جي رازن جو تحفظ رياست ڪندي آهي ۽ انهن جو نالو کڻڻ سان رياست ڊڄي وڃي ٿي، 73ع جو آئين ملڪ جي شهرين، گم ٿيل ماڻهن ۽ اقليتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آهي، آئين ۾ آمرن هڪ سئو کان وڌيڪ ترميمون ڪيون، 18 هي ترميم صوبن کي خودمختيار بڻائي حق ڏنا، 18 هين ترميم کي شيخ مجيب جي 6 نقطن کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ان کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، رياست ماڻهن جي ذهنن ۾ انتهاپسندي ڀري ڇڏي آهي، ملڪ جون سموريون پارلياماني پارٽيون ۽ قانونساز گم ٿيل ماڻهن بابت جامع قانونسازي ڪري ادارن کي پارليامينٽ جي ماتحت ڪن، ججن، جنرنلن، صدر ۽ وزيراعظم سميت سمورن جي لاءِ قانون ۽ احتساب هڪ جهڙو هئڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اياز ميلي جي آخري ڏهاڙي تي “رياست ۽ سماج جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو” جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنهن جي ماڊريٽر ڊاڪٽر عرفانه ملاح هئي، جنهن جا مقرر سينيئر پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر، ڊاڪٽر ناظر محمود، نورالهدي شاهه ۽ ڊاڪٽر جعفر احمد هئا. ان موقعي پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته 1973ع جي آئين ۾ آمرن هڪ سئو ترميمون ڪيون، جن کي 18هين ترميم تحت ختم ڪري آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ويو، پر اڃا تائين 18هين ترميم تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته 2018ع ۾ عدليه آئين جي نئين تشريح ڪري چونڊيل وزيراعظم کي گهر ٻيڙو ڪري ڇڏيو، 2013ع ۾ به ساڳي طرح هڪ ڀيرو ٻيهر ٻئي چونڊيل وزيراعظم کي جلاوطن ڪري ڇڏيو، ٻن جمهوري حڪومتن پنهنجا 5-5 سالن جا حڪومتي دور پورا ڪيا ته رياست اندر هڪ سوچ پيدا ٿي ته اهڙي نظام هلڻ سان جمهوريت پنهنجون جڙون وڌيڪ مضبوط ڪندي، ان لاءِ 2018ع ۾ هڪ سوچيل سمجهل سازش تحت هائبرڊ نظام آندو ويو، جيڪو نظام به ٽٽي چڪو آهي. هن چيو ته شهرين ۽ رياست جي وچ ۾ عدم رابطي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، پارليامينٽ ڪيترن ئي شين، شهرين ۽ لاپتا ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن جو هڪ سبب ملڪ جو فلاحي رياست بدران سيڪيورٽي رياست هئڻ آهي. هن چيو ته رياست ماڻهن جو ذهن تبديل ڪرڻ لاءِ يوم جمهوريت واري ڏينهن کي يوم پاڪستان ۾ تبديل ڪيو ويو، جيڪا سوچ ماڻهن جي ذهنن ۾ ويهاري وئي آهي، شيخ اياز 65ع واري جنگ جي مخالفت ڪئي ته ان کي جيل موڪليو ويو، اها رياست جي انتهائي خراب نفسيات آهي. هن چيو ته رياست پنهنجن مفادن لاءِ انتهاپسندن کي سرحد پار استعمال ڪري ٿي، ان تي سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ سمورين يونينز کي آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ ڪيل غلطين جو جيڪي هاڻ اعتراف ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه کي ملڪ جي سياستدانن ۽ سمورين پارٽين کي اڳيان وٺي هلڻ گهرجي. پارليامينٽ اندر لاپتا ماڻهن بابت جامعه قانونسازي ڪري آءِ ايس آءِ ۽ ٻين ڳجهڻ ادارن کي پارليامينٽ جي ماتحت ڪيو وڃي، ججن، جرنلن، صدر ۽ وزيراعظم سميت سڀني تي هڪجهڙو قانون لاڳو ٿيڻ ۽ هڪجهڙو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اياز مزاحمتي ادب ۽ سياست جو سرخيل آهي، آئين هڪ سماجي معاهدو آهي، مارشل لا جي دور ۾ 73ع واري آئين ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون، جن کي ختم ڪري 73ع واري آئين کي حقيقي شڪل ۾ بحال ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪيو وڃي، 18هين ترميم کانپوءِ هاڻ عدليه ڪنهن به نظرئي تحت غير آئيني قدمن جو تحفظ نه ڪري سگهندي، آرٽيڪل 6 کي وڌيڪ مضبوط ڪري صوبن کي پنهنجا جائز حق ڏنا ويا آهن. هن چيو ته 18هين ترميم تحت ملڪ ۾ هڪ ذهني ساک پيدا ٿي، جيڪا هن وقت تائين موجود آهي. هن چيو ته 18هين ترميم کي سبوتاز ڪرڻ جون اڄ به سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن کي شيخ مجيب جي 6 نقطن کان به وڌيڪ خطرناڪ چيو وڃي ٿو. هن چيو ته سياسي پارٽين کي پنهنجي اندر اصلاح ڪرڻ جي ضرورت آهي. محقق ڊاڪٽر ناظر محمود چيو ته 73ع جو آئين مڪمل آئين ناهي، ان ۾ ڪيترائي نقص آهن، هڪڙا آئين جا قانون ۽ ٻيا آئين کان ٻاهر پاليسين جا قانون لاڳو ڪيا وڃن ٿا، اقليتن ۽ قوميتن جي حوالي سان 73ع وارو آئين مڪمل ناهي، سنڌ جا اصلوڪا رهواسي هن ڌرتي جا مالڪ آهن، جن جا حق آئين ۾ محفوظ ناهن، جيستائين اسان جو آئين ۽ قانون اقليتن سان گڏوگڏ قومن کي برابري جا حق نه ڏيندو، تيستائين ان آئين کي مڪمل نٿو چئي سگهجي. نامياري ڊرامه نگار ۽ ليکڪه نورالهدي شاهه چيو ته آئين تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، 18هين ترميم خلاف اڄ به سازشون ٿي رهيون آهن، ڌرتيءَ جي اصل ماڻهن  پنهنجن حقن جو اختيار سياستدانن کي ڏنو آهي، جڏهن ائين خلاف سازش ٿئي ٿي ته ان وقت سڀ کان وڌيڪ سياستدان ئي بيوس نظر اچي ٿو، جنهن کي عوام پنهنجا اختيار ڏنا، رياست آڏو اسان جو سياستدان هٿيار ڦٽا ڪرڻ، بيوس، لاچار ۽ سوديبازي ڪندڙ نظر اچي ٿو، رياست پنهنجا فائدا وٺڻ لاءِ ملڪ اندر تعصب ۽ نفرتن جو بنياد وجهي ٿي، رياست جا ماڻهن مٿان فيصلا مڙهيا وڃن ٿا، اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سياسي پارٽيون سوديبازي ڪندڙ ۽ بيوس هجن. هن چيو ته رياست اندر آمريتون توڙي جمهوري حڪومتون پنهنجن مفادن لاءِ ملڪ جي جاگيردارن، سردارن، وڏيرن ۽ نام نهاد پيرن کي پنهنجو بنياد بڻائين ٿيون. تاريخدان ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته سماجي معاهدو پنهنجن حقن ۽ فرضن جو معاهدو آهي، سماجي معاهدي جو مقصد وفاق ۽ صوبن جي وچ جو معاهدو هوندو آهي، سماجي معاهدو آئين ۾ لکيل شين جي تشڪيل جو نالو آهي، چارٽر آف ڊيموڪريسي جيان چارٽر آف اڪنامي هئڻ گهرجي، پاڪستان کي هڪ خودمختيار رياست طرف وڌڻ گهرجي، جنهن لاءِ اقتصادي پاليسي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته آئين بنيادي حقيقت آهي، پر ان کان ئي انڪاري ٿين ٿا، 18هين ترميم پارليماني نظام کي بحال ڪري ڪنڪرٽ لسٽ ختم ڪري صوبن کي خودمختيار بڻائي انهن کي حق ڏنا آهن، آئين سڀني کي برابر جا حق ڏئي ٿو، پر اهو ئي آئين چوي ٿو ته ملڪ ۾ صرف مسلمان کي ئي صدر ۽ وزيراعظم ٿيڻ جو حق ڏئي ٿو، ٻين ماڻهن کي مذهب جي بنياد تي ان حق کان محروم ڪري ٿو. آئين ۾ گنجائش موجود آهي، اسيمبلين ۾ هيٺئين طبقي جي نمائندگي هئڻ گهرجي، آئين رهڻ گهرجي، پر ان ۾ تبديلين جي ضرورت آهي. پارليامينٽ سپريم هئڻ گهرجي، پر پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪندڙن جي ذهن ۾ آمراڻي سوچ ۽ مذهبي انتهاپسندي کي داخل ڪيو ويو آهي، مذهب انسان جو ذاتي عقيدو آهي، رياستي جبر سماجي جبر ۾ تبديل ٿي ويو آهي، رياست ماڻهن جا ذهن آمراڻا ۽ انتهاپسند بڻائي ڇڏيا آهن، اسان کي رياستي جبر سان گڏوگڏ سماجي جبر خلاف به آواز اٿارڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں