مير ذوالفقار چانڊيو
بينظير نالي جو مطلب بي مثال آهي جنھن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي پر ھي تہ واقعي نالي سان گڏ ڪردار ڪمالات صفات ۾ بينظير ھئي جنھن جو جھڙو نالو آهي بلڪل سندس زندگي ڪردار سوچ ويچار اخلاق بينظير ھئي جنھن کي گھر ۾ پيار محبت شفقت منجھان پنڪي چيو ويندو هو پر بينظير ڀٽو جھڙي طرح خوبصورت ھئي تہ اھڙي طرح ھوشيار بھادر عوام جي ھمدرد ھئي جنھن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي سندس خوبين توڙي سياسي ڪردار تي لکڻ لاءِ اخبارن جا پيج ڇا ڪتاب ڀرجي ويندا پر سندس ڏاھپ سياسي خدمتون عوام جي ھمدردي بھادريء جا مثال واقعات ختم نہ ٿي سگهندا ملڪي توڙي غير ملڪي تعليمي ادارن خاص ڪري آڪسفورڊ يونيورسٽي مان پڙھيل لکيل نوجوان نياڻي جي زندگي ڏکن سورن دردن واري گذري جنھن تي پڻ لکڻ لاءِ وڏي وقت جي ضرورت هوندي آهي بينظير ڀٽو جھڙي شخصيت تي لکڻ کيس سندس ڪردار مطابق ڀيٽا پيش ڪرڻ ھر ڪنھن ليکڪ اديب دانشور ڏاھي جي وس جي ڳالھ ناهي ھوندي بس پوءِ ھر ليکڪ اديب شاعر جي اِها خواهش ضرور هوندي آهي تہ اھڙي عظيم بھادر اڳواڻ کي سندس جنم ڏينهن تي يا وري شھادت ڏھاڙي تي ڪجھ اڻپورن لفظن جي ڀيٽا ضرور پيش ڪجي بلڪل اھڙي طرح مون ناچيز جي دل جي خواهش هئي تہ دنيا جي عظيم ليڊر شهيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو کي سندس شھادت ڏھاڙي تي ڪجھ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪجي بينظير ڀٽو جي سڄي زندگي سياسي جدوجھد توڙي غريب عوام جي حقن لاءِ وقف ٿيل ھئي پنھنجي والد مرحوم قائد اعوام ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت کان پوءِ وقت جي ظالم ڊڪٽيٽر سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ سياست ۾ پير پاتو جتي پڻ قدم قدم تي کيس سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو خاص ڪري ضياءَ الحق جي مارشلا واري دؤر ۾ کيس ڪوڙن ڪيسن تحت ملڪ جي مختلف جيلن جون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون ايتري قدر جو سکر جي گرم ترين سينٽرل جيل اندر قيد ڪري سندس زندگي زھر بنائي وئي ان کان پوءِ سندس قسمت جي ديوي مھربان ٿي وئي جنھن کان پوءِ عام اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پھريون دفعو ملڪ جي پھرين عورت وزيراعظم بڻجي وئي سندس اقتدار ڪنڊن جي سيج بڻيل رھيو جنھن کي ٻن سالن کان پوءِ ختم ڪري نئين اليڪشن ڪرائي وئي پر سندس خوشنصيبي هئي تہ پاڻ ھڪ دفعو ٻيھر بہ ملڪ جي عورت وزيراعظم بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ھو جنھن کان پوءِ مشرف جي مارشلا واري دؤر ۾ کيس جلاوطني اختيار ڪرڻي پئجي وئي پاڻ مشرف جي مارشلا واري دؤر ۾ جلاوطني ختم ڪري ملڪ واپس پھتي تہ سندس استقبال عوامي سمنڊ سان گڏ حڪمرانن طرفان بم ڌماڪن سان ڪيو ويو جنھن ۾ پڻ 200 جي لڳ ڀڳ ڪارڪن جيالا شھيد ٿي ويا هئا پر پاڻ ھمت نہ ھاريندي ھر وقت عوام سان گڏ رھڻ جو واعدو وفا ڪندي پوري ملڪ ۾ سياسي جلسا ڪيا پر افسوس تہ راولپنڊي جي جلسي ۾ محترمہ بينظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو اڄ 27 ڊسمبر جو اُھو ڪارو ڏينهن آهي جنھن ڏينھن تي اسلامي دنيا جي پھرين عورت وزيراعظم پاڪستان جي عظيم ليڊر غريبن جي ھمدرد مارئي ملير جي نياڻي نماڻي ,, چاروں صوبوں کی زنجیر ،، جي علامت بڻيل بھادر پيءُ جي بھادر نياڻي شھيد بنت شھيد سنڌ راڻي محترمہ بينظير ڀٽو کي ظالم قوتن عوام دشمن دھشتگردن لياقت باغ راولپنڊي ۾ شھيد ڪري ھميشھ جي لاءِ غريب عوام کي يتيم بڻائي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو بينظير ڀٽو کي شھيد ڪرڻ جو مقصد صرف پاڪستان کي ختم ڪرڻ نہ پر غريب مسڪين ماڻهن کي ختم ڪرڻ شامل ھو بينظير ڀٽو جي شھادت سان غريبن مسڪينن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ ھاڻي غريب مسڪين ماڻهو ھڪ دفعو وري غلاميءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندا ھُو جيڪا غريبن جي لاءِ آواز بڻجي ڊڪٽيٽرن دھشتگردن اڳيان گجگوڙ ڪندي هئي ان آواز کي ختم ڪيو ويو جنھن ليڊر کي وطن واپسيءَ کان اڳ شھيد ڪرڻ کين جان کان مارڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون مليل ھجن جنھن جي وطن واپسيءَ کي سيڪورٽي رسڪ قرار ڏنو ھجي ان عظيم ليڊر پنھنجي موت کي سامھون ڏسندي بہ پير پوئتي ڪرڻ کان پنھنجي غريب عوام سان گڏ بيھڻ بھتر سمجھيو جنھن ليڊر جي وطن واپسيءَ جو استقبال بم ڌماڪن سان ڪيو ويو ھجي ان عظيم ليڊر پنھنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي شھر شھر واھڻ وستي غريبن سان اظھار يڪجھتي جي لاءِ جلسا ڪيا خاص ڪري ملڪ جي چئني صوبن ۾ جلسا ڪري غريبن مسڪينن جي ڏکن دردن تي مرھم رکڻ لاءِ سندن ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪندي ڪندي سياسي جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ پنجاب جي شھر راولپنڊي پھتي راولپنڊي اُھو شھر آھي جيڪو ماضيءَ ۾ پڻ سنڌ جي ليڊرن لاءِ سٺو ثابت نہ ٿي سگھيو آهي ھي اُھو ساڳيو شھر آھي جتي ملڪ جي ٻن عظيم ليڊرن توڙي اڳوڻن وزيراعظمن کي شھيد ڪيو ويو بينظير ڀٽو صاحبہ ان شھر ۾ سياسي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پھتي جتي ماڻھن اندر ساڳيو جوش جذبو ھو تہ بينظير ايندي روزگار ڏيندي مطلب تہ عوام پنھنجي پاڻ کي اڪيلو سمجھڻ بجاءِ پاڻ کي بينظير ڀٽو جھڙو وارث ۽ مالڪ سمجھي رھيا ھئا جيئن ئي جلسو ختم ٿيو محترمہ بينظير ڀٽو جلسي گاھ کان واپس وڃي رهي هئي تہ مٿس فائرنگ سان گڏ بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي ڪري محترمہ بينظير ڀٽو سخت زخمي ٿي پئي جنھن جي ڪجھ ئي دير ۾ پاڻ پنھنجي پيءُ ۽ ڀائرن وانگر شھادت جو جام پيتو سندس شھادت جي خبر پاڪستان سميت پوري دنيا اندر باھ جيان پکڙجي وئي سندس شھادت تي صرف ھڪ صوبي ۾ نہ پر سڄي پاڪستان اندر ھڪ ڏک افسوس واري صورتحال بڻجي ھر گھر ۾ قيامت صغرا جھڙو ماحول برپا ٿي ويو ھر طرف تعزيتي تڏا وڇايا ويا ھر پاسي زندگيءَ جو سفر رُڪجي ويو نظام زندگي ساڪن ٿي وئي ھر طرف ڏک درد واري ڪيفيت ٿي وئي ائين محسوس ٿي رهيو هو تہ ھر گھر ۾ ڪو جنازو پيل ھجي سندس شھادت تي پنھنجن تہ پر دشمنن جي هر اک آلي ھئي ماحول ۾ سوڳ جا بادل ڇانيل رھيا جيڪڏهن اڄ 15 سالن کان پوءِ بہ محترمہ بينظير ڀٽو جي شھادت جو تصور ڪبو تہ سڏڪا ۽ شوڪارا دل کي آب هارڻ تي مجبور ٿا ڪري ڇڏين. اڄ اهو 27 ڊسمبر جو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي اج کان 15 سال اڳ اجوڪي ڏينهن جي ڀيانڪ شام ڌاري ، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ سنڌ راڻي قائد جهموريت دختر ئي مشرق شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان جسماني طور تي هميشه لاء الڳ ڪيو ويو ۽ هڪ وقت لاءِ سموري سنڌ ماتم بڻجي ويئي، سمورا شهر ويران بڻجي ويا، هر طرف افراتفري اهڙي ڏسڻ ۾ آئي جو هتي جي ماڻهن جي ذهنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هر طرف روڄ راڙو ڪندي، قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. پنهنجي محبوب قائد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري خبر ماڻهن جي ذهنن تي اهڙي نموني سان اڀري جو هر ڪنهن ايئن ٿي سمجهيو ته انهن جي پنهنجي دنيا ويران ٿي ويئي آهي، جهڙوڪ انهن جي پنهنجي گهر جو ڪو پيارو ڀاتي شهيد ٿي ويو هجي، هر ماڻهو پاڻ کان بي خبر هو، ذهن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويٺا هئا هر گهر ۾ صف ماتم وڇايل هئي ته اتي وري انتظاميه بيوس بڻيل نظر آئي. سمورو ملڪ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي غم ۾ بيحال بڻجي ويو. مسلسل چار ڏينهن روڊ رستا واهڻ وستيون بستيون ويران هيون هر ماڻھو پنهنجيون غميون خوشيون ڏک سور ڀلائي ڇڏيا هئا سڀني کي سيني ۾ صرف هڪ ئي سور هيو اهو هيو محترمه جو اوچتو وڇوڙو هر شخص جي منهن مان لفظن جي بجاء اوڇگارون ٿي نڪتيون پر اڄ وقت جي ستم ظريفي آهي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڏلي ڌيءُ پنڪي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا اسان جي قوم جو آواز ۽ سهارو هئي وقت جي بي رحم هوائن ۽ سازشن جي ور چڙهي، عوام جي حقن واري ويڙهاند ۾ شهادت جو جام نوش ڪري وئي آهي، جنهن جو غم اسان جي قوم صدين تائين به شايد وساري نه سگهي ۽ نه وري ڪو اهڙو ليڊر ورهين تائين پيدا ٿيڻ جي ڪا اميد نظر ٿي اچي اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ اسان جي قوم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪري زاروزار روئي رهي آهي ۽ پاڻ کي اڄوڪي حالتن ۾ اڪيلو ٿي محسوس ڪري. هاڻ انهن کي اها پڪ ٿي چڪي آهي ته ڪوبه اهڙو ليڊر ملڪ ۾ ناهي رهيو جيڪو غريب مسڪين ماڻهن جي حقن جي ڳالھ ڪري، انهن خاطر خطرن سان کيڏي، موت کي ڇاتي سان لائي، اها هڪ ئي بينظير هئي، جيڪا بينظير ٿي ويئي ۽ ماڻهو هن جي غم ۾ بيحال بڻجي ويا اڄ سندس شھادت کي 15 سال مڪمل ٿي ويا آهن پر افسوس تہ سندس قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ نہ اچڻ ڪري ھڪ وڏو سواليه نشان آهي جنھن جي جواب جو عوام کي انتظار رهندو اڄ سندس ورسيءَ جو مرڪزي پروگرام سندس مزار تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ٿيندو جتي پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪري بينظير ڀٽو جي خدمتن تي روشني وجھندا
meerzulfiqar572@gmail.com