لاهور (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ، عدليا ۽ بيورو ڪريسي سميت سموري اشرافيا موجوده ملڪي مسئلن جي ذميوار آهي. لاهور ۾ خواجا رفيق شهيد جي ورسي تي سيمينار ٿيو، جنهن ۾ ميثاق جمهوريت کي ميثاق معيشت تائين واڌ ڏيڻ ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حق ڏيڻ جا ٺهراءَ به منظور ڪيا ويا. سيمينار سان خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته نواز شريف سمجهوتو ڪري ها ته پاناما سميت ڪنهن معاملي ۾ ڪجهه نه نڪري ها، اسان پنهنجو سياسي سرمايو ملڪ ۽ قوم تي خرچ ڪري چڪا آهيون، تنهن ڪري اسان بليڪ ميلنگ ٿي ڪنهن به صورت ۾ چونڊون نه ڪرائينداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن جون استعيفائون قبول ڪرڻ گهرجن، عمران خان جي وفاداري رڳو پئسي تائين محدود آهي، ملڪ کي ڏيوالي جي ويجهو آڻڻ تي عمران خان ۽ کيس آڻيندڙ کان به پڇڻ گهرجي.
