اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، اغوا، ڦر، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل

اوٻاوڙو(رپورٽ:منيراحمدگرگيج) اوٻاوڙو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، اغوا، ڦر، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل، علائقي واسي غيرمحفوظ. گذريل رات کنڀڙا ٿاڻي جي حد گڊو لنڪ روڊ تي اڻڄاتل ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا۔ ٽريڪٽر مالڪن گڊو لنڪ روڊ کي مڪمل طور تي بلاڪ ڪري کنڀڙا پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي جنھن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون .ٽريڪٽر ڊرائيور طارق بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسين روجھاڻ کان ڪمند کڻي JK شگر ملز مريدشاخ وڃون پيا ته رات جي اونڌاھي ۾ 10 اڻڄاتل ھٿياربندن روڪي ٽرالي تان ٽريڪٽر خالي ڪرائي ڪچي طرف ڪاھي فرار ٿي ويا آهن ٽريڪٽر مالڪن چيو ته جيستائين ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس نه ٿيندو اوستائين روڊ کي نه کوليو ويندو ٻئي طرف ڊي ايس پي اوٻاوڙو مٺل ککراڻي مظاهرين کي يقين دهاني ڪرائڻ بعد روڊ کولرائي ڇڏيو ٽرئفڪ جي روانگي بحال ٿي ويئي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں