دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو)سنڌ جي دادو ضلعي سميت مختلف ضلعن جي اين ٽي ايس پاس اميدوارن جي احتجاج ۾ شرڪت نئوديرو پريس ڪلب کان نئوديرو ھائوس تائين ريلي سخت احتجاج روڊ بلاڪ ڪرڻ کان پوء پ پ پ جي لوڪل اڳواڻن فريال ٽالپر سان ملاقات لاء پيشڪش ڪئي، صلاح مشاورت کان پوء مرڪزي صدر حبيب سنڌي جي ھدايت تي وفد ٺاھيو ويو جنھن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري منصور مري، مرڪزي پريس سيڪريٽري سيد مزمل شاھ، انيلا چنا ۽ شازيه ڪوريجو فريال ٽالپر سان ملاقات لاء وفد جي صورت ۾ پھتا ۽ ان اڳيان تمام 60 کان 97 مارڪون کڻندڙ ساٿين جو موقف بيان ڪيو ويو، جنھن جي فريال ٽالپر پاران مڪمل خاطري ڪرائي چيو ته اڄ رات وزير تعليم سردار شاھ نئوديرو ھائوس پھچندو ان سان ملاقات ڪري اوھان جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنھن بعد مرڪز جو وفد واپس ٿيو ۽ مرڪزي صدر حبيب سنڌي ۽ مرڪز اين ٽي ايس پاس تحريڪ پاران نئوديرو ھائوس جي گيٽ تي موجود تمام ساٿين کي آگاھي ڏني وئي ۽ فريال ٽالپر تي اعتماد جو اظھار ڪري ساٿين ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي، جنھن کان پوء تمام اميدوار پنھنجن ماڳن ڏانھن روانا ٿي ويا.
