روم تنهنجا روپ هزار: قلوپطرا جا عشق

امير ابڙو
قلوپطره تاريخ جي آئيني ۾ هڪ حسين ترين عورت سمجهي وڄي ٿي ۽ سندس مقبوليت ان ڪري به وڌي ويئي جو هوءَ پهرئين رومن مملڪت جي سدا بهار هيرو ۽ حقيقي بنياد وجهندڙ جوليس سيزر جي منظور نظر بني. جڏهن جوليس سيزر گال ۾ 8 سال رهي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ روم واپس وريو ته سندس دشمن جيڪو پهرين سندس دوست ۽ سندس ڌيءَ جو مڙس به رهيو هو، پومپي روم جا ڪک چڏي يونان ۾ وچي لڪيو هو. پومپي سيزر جي حڪومت بنائڻ جي خلاف ڌڦيڙ وجهي رهيو هو تنهن ڪري جڌهن جوليس سيزر فتح حاصل ڪري گال جون سرحدون حاصل ڪري روم وريو ته پومپي کي خطرو هو ته جوليس سيزر ان کي ماري ختم ڪندو. گال جيڪو هن وقت جرمنيءَ جا ڪجهه علائقا، بيلجيئم ، لڪسمبرگ ۽ فرانس ۾ شامل ٿي ويو آهي، تنهن وقت گال سڌبو هو ۽ سندس حڪمران هڪ ئي هو جنهن کي شڪست ڌيئي قيد ڪري جوليس سيزر روم کڻي آيو هو.
روم مان نڪري ويل پومپي کي ملڻ يا مارڻ لاءِ جڏهن يونان پهتو ته اتان به پومپي نڪري وڄي مصر ۾ پناهه ورتي. جڏهن جوليس سيزر کي خبر پيئي ته پومپي مصر ۾ آهي ته هو مصر جي تڏهونڪي گاديءَ واري شهر اليگزينڊريا ۾ پهتو. جتي بادشاهه پٽوليمي نمبر 12 مري چڪو هو ۽ سندس هڪ ڌيءَ آرسينو پنهنجي 12 سالن جي ڀاءُ سان جڙي ڪري حقيقي وارث قلوپطرا کي شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي هئي. جيڪا ان وقت الگزينڊريا جي بندرگاهه تي پنهنجي ساثي فوج سان رهيل هئي. اهو ياد رهي ته ان وقت مصر روم مملڪت جو قرضي هو ۽ روم جا بادشاهه کين قرض ادا ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهندا هئا. جوليس سيزر جيئن ئي مصر آيو پئي ته بادشاهه جيڪو 12 سالن جو هو ۽ ڪرسيءَ ۾ پورو به ڪونه ايندو هو، اهو سيزر جي دهشت کي جهلي نه ٿي سگهيو.
هنن جوليس سيزر کي خوش ڪرڻ لاءِ پومپيءَ کي ماري سندس لاش جوليس سيزر کي تحفي ۾ ڏنو. جنهن تي سيزر خوش ٿيڻ بجاءِ ناراض ٿيو جو پومپي هن جو دشمن ضرور رهيو هو پر هو سندس مرحوم ڌيءَ جو مڙس به هو. قلوپطرا کيس ملڻ جي دعوت ڏني جنهن جي جسم ۽ حسن هن بهادر اڳواڻ کي لوڏي ڇڏيو. هو 48 قبل مسيح ۾ قلوپطرا جي عشق ۾ گرفتار ٿيو ۽ ڇهه مهينا اتي بندرگاهه تي ئي رهي پيو. قلوپطرا سان ٿيل زيادتي جي تلافي ڪندي هن مصر جي حڪومت کي فتح ڪري تاج قلوپطرا جي حوالي ڪري ڇڏيو. سندن عشق انتها تي پهچڻ وارو ڪونه هو جو عشق انتها تي ڪونه پهچندو آهي پر پنهنجا رستا جسم جي رنگينين مان نڪري اقتدار جي حوس ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهو ئي ٿيو جو قلوپطرا جو عشق جوليس سيزر جي رومن مملڪت واري تخت ڏانهن ڊوڙڻ لڳو. جوليس سيزر قلوپطرا سان شادي ڪئي يا نه ان ڳالهه جي ڪا به اهميت ناهي پر ان ڳالهه جي ضرور اهميت آهي ته قلوپطرا کي هڪ پٽ ٿيو جيڪو هن جوليس سيزر جو پٽ ٿئي چيو. اولهه ۽ اوڀر جي تاريخدانن اها ڳالهه واضع نه ڪئي آهي ته اهو جوليس سيزر جو پٽ هو يا ڪنهن سپاهيءَ سان جنسي عمل ڪري قلوپطرا هڪ پٽ پئدا ڪيو. جنهن جو نالو هن سيزيرين رکيو هو. ان پٽ جي پئدا ٿيڻ کان پوءِ قلوپطرا جا سمورا رستا کيس روم جي حڪومت ڏيارڻ طرف ٿي ويا جيڪا کيس ملڻي ڪانه هئي جو هو رومن ٻار ڪونه هو.
تاريخ کي جڏهن پڙهجي ته اهو خيال رکڻ ضروري آهي ته ان وقت جي حالات جي تقاضا ڪهڙي هئي. جيئن گهڻي وقت تائين ڀينرن سان شادي ڪرڻ ڪو عيب ڪونه هو ۽ تمام گهڻا رومن حڪمران ڀينرن سان شادي ان ڪري به ڪندا هئا جو هنن کي هڪ عورت مان پٽ جو اولاد ڪونه ٿيندو هو جيڪو سندن وارث بنجي. اها سوچ هن وقت تائين به انسان جي ذهن تي حاوي آهي پر حضور صلعم جي اچڻ کان پوءِ انهيءَ ڳالهه تي بهرحال دنيا ۾ پابندي پئجي ويئي ته ڀيڻ سان شادي نه ٿي ٿي سگهي. قلوپطرا کي جڏهن تخت نه ٿي ڏنائون ته سيزر ئي کيس پنهنجي ڀاءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو جنهن تي قلوپطرا اهو چئي انڪار ڪيو ته سندن عمر ۾ گهڻو تفاوت آهي جيڪو صرف ڇهه سال هو. بهرحال لڳي ائين ٿو ته اها شادي ڪانه ٿي جو مختلف هنڌن تي مختلف نموني سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي. لڳي ائين ٿو ته سندس ڀاءُ سيزر سان ڪيل جنگ ۾ مري ويو يا قلوپطرا پاڻ ان کي ماريو ۽ قلوپطرا جي ڀيڻ آرسينو کي قيد ڪيو ويو هو جنهن کي قلوپطرا پاڻ ئي مارڻ ٿي چاهيو جو اها سندس وڏي دشمن هئي. ڪنهن به طرح سان قلوپطرا جي زندگي ۽ عشق سندس پٽ کي حڪومت ڏيارڻ سان ئي رهيو جنهن جو تفصيل هن مضمون ۾ ڏنو ويندو. هن نه صرف مصر جي حڪومت سندس پٽ کي ڏيارڻ ٿي چاهي پر رومن مملڪت جو بادشاهه به کيس بنائڻ ٿي چاهيو.
جڏهن سيزر جا ڇهه مهينا اليگزينڊريا ۾ ختم ٿيا ۽ روم مملڪت کي سنڀالڻ جا خيال کيس اچڻ لڳا جو اتي کيس نئين حڪومت به جوڙڻي هئي ۽ ڪجهه فتوحات به ڪرڻيون هيون، تڏهن قلوپطرا کيس پنهنجي حامل هجڻ جي باري ۾ ٻڌايو . سيزر کيس منع ڪئي ته اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪري نه ته رومن سندس پٽ کي ماري ڇڏيندا ڇو ته رومن ماڻهن کي جڏهن خبر پوندي ته سندن حڪمران هڪ مصري عورت جي ڪک مان ٿو نڪري ته اهو هو برداشت نه ڪري سگهندا. قلوبطرا جو خاندان سڪندر اعظم سان جڙيل آهي ڇو ته قلوپطرا جو پيءُ سڪندر اعظم جي بادشاهت جو آخري بادشاهه هو جيڪو پٽولمي سلسلي جو 12هون بادشاهه هو.
سيزر جي انهيءَ نصيحت تي قلوپطرا کي عمل ڪرڻو ڪونه هو . هوءَ هاڻ مصر جي راڻي هئي ۽ سموري حڪومت سندس زير ٿي ڇڪي هئي. نه صرف مصري حڪومت سندس زير هئي پر سيزر جي ڇڏيل رومي فوج به سندس ئي حڪم تي هلندي هئي. رومن قرض به معاف ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ ڀيڻ جيڪي ديوارون هئا ، اهي قتل ٿي چڪا هئا. هن 51 قبل مسيح کان 30 قبل مسيح تائين حڪومت ڪئي.
سيزر مصر مان نڪري روم پهچندي ئي نوان قانون جوڙيا ۽ خاص طور تي هن قانون جوڙيو ته جوليس سيزر 10 سالن تائين آمر حڪمران رهندو ۽ سندس فيصلي کي ڪير به چئلينج نه ٿو ڪري سگهي. سندس فيصلا آخري هوندا. اهڙو حڪمران هو 49 قبل مسيح ۾ بنيو. اهڙن فيصلن تي ڪافي سينيٽر ناراض هئا پر ڪڇي ڪونه ٿي سگهيا. ڪجهه سينيٽرن بروٽس جي اڳواڻيءَ ۾ سيزر جي قتل جو منصوبو جوڙيو. اڃان انهيءَ منصوبي تي سوچ ويچار هلي رهيو هو ته قلوپطرا پنهنجو ٻار کڻي روم پهتي. سندس بهترين آڌرڀاءُ ڪيو ويو. سيزر جي صلاح کي نظرانداز ڪندي قلوپطرا سندس پٽ کي عوام جي آڏو رکي سيزر کي سندس پيءُ قرار ڏنو جنهن تي سيزر هاڪار ڪئي. نتيجي ۾ سندس پهرين گهر واري يا دوست سلويا ناراض ٿي ويئي. هن پنهنجي پٽ بروٽس سان اهڙو اظهار به ڪيو. ڪجهه مورخ لکن ٿا ته سلويا سيزر جي قتل ۾ بروٽس جي مدد ڪئي پر گهڻن جو اهو خيال ڪونهي چوته سيزر جو قتل سندس عشق جي ميراث ڪانه هئي ۽ هوءَ جوليس سيزر سان بي انتها عشق ڪندي هئي.
سيزر پنهنجي ڀاڻيجي جي پٽ آڪٽيويا يعني آگسٽس کي پنهنجو وارث قرار ڏيئي چڪو هو. وصيت ۾ به لکي چڪو هوته سندس نالي جي سموري ملڪيت آڪٽيويا کي ملندي ۽ هو ئي سندس تخت جو پڻ وارث آهي. انهيءَ وصيت جي هوندي قلوپطرا جو خواب پورو نه ٿي ٿي سگهيو. ان ڪري هن سيزر تي زور ڀريو ته هو پنهنجو وارث سندس رت جي پٽ سيزيرين کي لکي جنهن تي سيزر هن کي ڪافي سمجهائڻ کان پوءِ فارغ ڪري ڇڏيو. چيائيينس ته تون واپس مصر هلي وڃ. بهرحال 15 مارچ 44 قبل مسيح تي سيزر کي قتل ڪيو ويو. سيزر جو سڀ کان بهترين ساٿي مارڪ ائنٿوني هو جنهن کي قتل واري ڏينهن پري رکيو ويو هو پر قتل ٿيڻ کان پوءِ ان سيزر جي عوام ۾ مقبوليت آڏو عوام جي همدردي حاصل ڪئي جڏهن سيزر جي قاتلن مارڪس ۽ بروٽس عوام جي آڏو پاڻ کي اڳيان رکي ڪونه ٿي سگهيا. هي گهڻو ڪري پومپي گروپ جا سينيٽر هئا ۽ بروٽس انهن ۾ ڪجهه دانشورانا سوچ جو هو جو هن چيو پئي ته اهڙا آمرانا فيصلا روم ۾ جمهوري قدر پئدا نه ڪري سگهندا حالانڪ سلويا جي پٽ هجڻ جي ڪري سيزر جا مثس تمام گهڻا احسان هئا. سيزر جي زندگيءَ ۾ بروٽس به تخت جو هڪ نمائندو هو تنهن ڪري به سلويا تي اهو الزام لڳندو آهي ته هن سيزر کي مارڻ ۾ بروٽس جو ساٿ ڏنو.
جڏهن سيزر جو قتل ٿيو ته ان وقت آڪٽيويا يونان ۾ رهيل هو. هو يونان ان ڪري ويو هو جو سينيٽيرن کيس به چيو هو ته هو سيزر کي قتل ڪرڻ ۾ سندن ساٿ ڏي پر هو ٻار هجڻ جي باوجود کين چئي رهيو هو ته مان توهان جو ساٿ ڪونه ڏيندس بلڪ جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته توهان سان ويڙهه ڪندس.
هاڻ وصيت سامهون اچي ڇڪي هئي. بروٽس ۽ مارڪس روم ۾ رهي نه ٿي سگهيا جو عوام کين ساهه ئي کڻڻ ڪونه ٿئي ڏنو تنهن ڪري اهي به يونان هليا ويا. يعني ائين چوڻ ۾ ڪوبه عار نه ٿيندو ته يونان بس هارائيندڙن جي هڪ پناهه گاهه هئي. آڪٽيويا واپس روم آيو ۽ اچي اتي جي هاڻوڪي حڪمران مارڪ ائنٿوني سان مليو. هو ڪافي وقت آڪٽيويا کي نٽائيندو رهيو جو سموري زمين جيڪا سيزر آڪٽيويا جي نالي تي ڪئي هئي ، حڪمران جي حيٿيت ۾ سندس قبضي ۾ هئي. بهرحال آڪٽيويا تاريخ جو هڪ انتهائي سياڻو ۽ بهادر حڪمران رهيو هو، هن کي الله تعاليٰ اها سياڻپ عطا ڪئي هئي. هن پاڻ ئي زمين وڪڻي ان مان ڪافي فوج خريد ڪئي ۽ هڪڙو خيمو کوڙي مارڪ ائنٿوني سان جنگ ڪئي. نتيجي ۾ ڪافي سال خانه جنگي هلندي رهي. آخر ڪنهن سياڻي انهن ٻنهي ۾ حڪومتون ورهايون اوڀر وارا ملڪ جن ۾ مصر، فلسطين وغيره اچي وڃن ٿا، مارڪ ائنٿوني کي ڏنا ويا ۽ باقي اولهه وارا ملڪ اسپين، جرمني، فرانس وغيره آڪٽيويا کي ڏنا ويا جنهن تي هنن ٻنهي اتفاق ڪيو پر روم ۾ آڪٽيويا ئي حڪمران رهيو ۽ سينيٽ سندس ماتحت هئي.
انهيءَ ورهاست جي نتيجي ۾ مارڪ ائنٿوني ۽ قلوپطرا جي عشق جي شروعات ٿئي ٿي ۽ قلوپطرا جو سندس پٽ کي روم جو حڪمران بنائڻ جو خواب جاڳي پوي ٿو.
مارڪ ائنٿوني مصر ۾ پنهنجي رهائش ٿو اختيار ڪري ۽ قلوپطرا سان شادي ٿو ڪري. قلوپطرا کيس زور ڏيندي رهي ٿي ته آڪتيويا تي حملو روم تي قبضو ڪري ۽ سندس پٽ سيزيرين کي حڪمران بنائي. اها ڪمزور خواهش مارڪ ائنٿوني کي اڃا به وڌيڪ ڪمزور ڪري ٿي ڇڏي. قلوپطرا کي روم جي قومي جوڙجڪ ۽ قومي غيرت جو اندازو آخر تائين نه ٿي سگهيو. مارڪ ائنٿوني هن سان نه چاهيندي به اهو واعدو ٿو ڪري ۽ عوام جي آڏو اعلان ٿو ڪري ته سيزيرين ئي روم جو اصل وارث آهي. اهڙيون خبرون روم پهچن ٿيون ۽ آڪٽيويس جيڪو سيزر جي وصيت ڪيل وارث به آهي ان وقت هڪ طرح سان حڪمران به آهي، سينيٽ جي آڏو اها ڳالهه رکي ٿو ته مارڪ انٿوني روم جي روايتن خلاف هڪ مصري ڇوڪري جي وڪالت پيو ڪري ۽ قلوپطرا جي عشق ۾ روم جي روايتن کي پيو ٽوڙي. ان سلسلي ۾ هن آخرڪار مارڪ ائنٿوني سان جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ مصر تي حملو ڪيو.
سندس فتح يقيني هئي ڇو ته هڪ ته مارڪ ائنٿوني جي پنهنجي فوج ۾ اهڙا ماڻهو هئا جيڪي آڪٽيويا جي سوچ جاهئا. هي هاڻ مصري بادشاهه يا وري رومي بادشاهه جي حمايت جي جنگ هئي سا جنگ ۾ وڙهندڙ رومي سپاهي ته رومي بادشاهه جي حمايت جا هئا. هنن جنگين ۾ اڪثر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته گهڻا حڪمران جڏهن شڪست کي سامهون ڏسندا آهن ته هو خودڪشيءَ کي ترجيع ڏيندا آهن. سينيٽر مارڪس ۽ بروٽس شڪست کي سامهون ڏسندي خودڪشي ڪري ڇڏي. هاڻ مارڪ ائنٿوني خودڪشي ڪئي ۽ جڏهن سمورو مصر آگسٽس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ راڻي قلوپطرا پنهنجي محل ۾ اڪيلي رهجي ويئي ته هن نانگ کي سامهون رکيو ته جيئن هو هن کي ڏنگ هڻي ، نتيجي ۾ نانگ جي ڏنگ سان مري ويئي پر آڪٽيويا جي تلوار سان نه مئي. آڪٽيويا سندس لاش کي ڏسي چيو، تو کٽيو، مون هارايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں