سنڌ ۾ اهڙي ڪابه پارٽي ناهي جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان مقابلو ڪري سگهي:امتياز شيخ

شڪارپور (رپورٽ:عمران قريشي) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 15هين ورسيءَ جي موقعي تي صوبائي وزير انرجي امتياز احمد شيخ شڪارپور هائوس تان ۽ ڀيو هائوس کان وفاقي وزير نجڪاري مير عابد حسين خان ڀيو جن جي اڳواڻيءَ ۾ سوين گاڏين جو قافلو ريليءَ جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش روانو. صوبائي وزير انرجي امتياز احمد شيخ چيو ته مان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو ۽ شڪارپور سميت پوري پاڪستان جي ماڻهن طرفان ڀرپور سلام پيش ڪيا ٿو. هن چيو ته هن وقت اندروني سنڌ ۾ اهڙي ڪابه پارٽي ڪونهي جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان مقابلو ڪري سگهي. ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي اميدوار به نه ملندا. باقي ڪراڃيءَ ۾ ٻين پارٽين سان مقابلو ڪنداسين ۽ اتي به سوڀ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي حاصل ٿيندي. صوبائي وزير انرجي امتياز احمد شيخ چيو ته ڪراڃي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ بلدياتي اليڪشن جي دير ٿيڻ جو سبب تڪبندين ۽ پوليس فورس جي گهٽ هجڻ جو مسئلو هيو ۽ اڃان ڪجهه دير ٿيڻ جو اندازو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جي پوري انتظاميه مشينري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي قيادت موجوده برساتي ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪاري کي منهن ڏيڻ ۽ متاثرن کي ريهبليٽيٽ ڪرڻ ۾ مصروف رهي آهي. شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي صورتحال تي ايس ايس پي شڪارپور سان گڏجاڻي رکيل آهي ۽ اميد آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي.عمران خان يوٽرن وٺڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جو ماهر آهي ان جي مٿان توشاخانه وارو سڌو سنئون ڪيس بيٺو آهي، هو 4 سال حڪومت باوجود ڪنهن هڪ ماڻهو تي به ڪو ڪيس ثابت نه ڪري سگهيو. وفاقي وزير نجڪاري مير عابد حسين ڀيو چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانيءَ جي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت بحال آهي. ۽ اسانجي قيادت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان جي ئي مشن کي اڳتي کڻي هلون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں