سکر ۽ شڪارپور ۾ ناري فائونڊيشن پاران برساتي ٻوڏ متاثرن ۾ سياري جو سامان ورھائڻ جي تقريب ٿي گذري

سکر(پ ر) سکر ۽ شڪارپور ۾ ناري فائونڊيشن پاران انڊس ڪنسورشيم ۽ گرو گرين نيٽ ورڪ جي گڏيل سهڪار سان برساتي ٻوڏ متاثرن ۾ سياري جو سامان ورھائڻ جي تقريب ٿي. سامان ورھائڻ واري مھم جي سلسلي ۾ ناري فائونڊيشن 200 متاثر خاندانن ۾ گرم شالون، سوئيٽر، جرسيون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون ڏنيون. ناري فائونڊيشن جي چيئرپرسن افشان اصغر،ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انور علي مھر ۽ پروگرام آفيسر شازيه عباسي چيو ته 2022 واري برساتي ٻوڏ جي تباهي ۾ پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جنھن ۾ اڪثريت سنڌ جي ماڻھن جي آ ھي. هن مھم ۾ سکر ۽ شڪارپور ضلعن جي مختلف علائقن ۾ عورتن، نياڻين،بيواهه عورتن، معذور نياڻين ۽ يتيم ٻارن کي فوڪس ڪيو ويو آھي. تقريبن ۾ صغران سھتو، سائره ،امجد مهر، فرحان علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں