اسلام آباد (بيورو) ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن. چوڌري شجاعت حسين پاڪستان ڄائي آمريڪي ڪاروباري شخصيت نويد انور چوڌري جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو، جنهن ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيما، سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ چوڌري شافع حسين سميت ٻين سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي. پوءِ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام اڻٽر آهي ۽ ايندڙ عام چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن. هن زور ڏنو ته عمران خان سميت سڀني کي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ گهرجي، ڇو ته عوام کين چونڊي موڪليو آهي، هو ڏسي رهيا آهن ته اسان جا نمائندا ڇا ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن انهن کي رڳو پگهار ۽ مراعتون وٺڻيون آهن ته ان جو ڪو فائدو ناهي. سندس چوڻ هو ته نه فوج کي اچڻو آهي نه ڪنهن ٻئي کي اچڻو آهي، جيڪڏهن هي وقت گذري ويو ته پوءِ ڪنهن جي هٿ نه ايندو، اسان سڀ ملڪ لاءِ ڪم ڪنداسين ته بچي وينداسين، اسان گڏ نه ٿياسين ته تباهي ٿيندي.
