قاضي احمد(رپورٽ:علي حيدر چانڊيو) قاضي احمد جي ديھ مير محمد جوڻو ۾ واقع ھڪ ايڪڙ 12 گھنٽا زمين جي مالڪي تائين ڳوٺ خير محمد مھر واسي مھر برادري جي غلام رسول مهر ۽ جوڻا براري عطا محمد جوڻو وچ ۾ 30 سالن کان هلندڙ تڪرار جي نبيري لاء سردار محمد خان جوڻيجو، پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ڄام تبريز خان انڙ ، سردار غلام نبي مري، بھار خان مري، سردار عبدلطيف ڪلوئي ۽ غلام حسين چانڊيو جي سربراهي ۾ سردار گارڊن قاضي احمد ۾ فيصلو ٿي گذريو. ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد جوڻا برادري جي زميدار عطا محمد جوڻو مٿان 40 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جيڪا رقم ڳوٺ جي زمين تان گھر ڊاهي پٽ ڪري لڏ پلاڻ ڪندڙ مھر برادري جي اڳواڻ غلام رسول مھر کي ادا ڪئي ويندي فيصلي موجب ڏنڊ جي رقم 20 لک جنوري جي 15 تاريخ ۽ 20 لک فيبروري جي 15 تاريخ ادا ڪئي ويندي فيصلي ۾ اهو طئه ڪيو ويو ته ڳوٺاڻا ڄاڻايل زمين تي اڏيل گهر اپريل جي پهرين تاريخ تي گهر ڊاهي زمين خالي ڪري هليا ويندا نبيري دوران فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاء ٻنهي ڌرين کان ضامن ورتا ويا جنهن ۾ مھر برادري پاران نور الله مهر ۽ آشتياق مهر جڏھن ته جوڻا برادري پاران لعل محمد جوڻو ۽ سيد غلام عباس شاھ شامل آھن جيڪي فيصلي تي عمل ڪرائيندا .هوڏانهن جهيڙيندڙ ڌرين پاران ٿيل فيصلي دوران جوڻا برادري پاران ممتاز جوڻو، در محمد جوڻو، قربان هوت، ظفر الله جوڻو جڏھن ته مهر برادري پاران غلام نبي مري،عبدالله ڪلوئي،بهار خان مري ۽ رمضان راهو امين طور شريڪ ٿيا، نبيري بعد ڌرين وچ ۾ ٺاھ ٿيڻ بعد هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي وڏي عرصي کان هلندڙ رنجشون ختم ڪري کير کنڊ ٿي ويون .تڪراري ڳوٺ جي زمين خالي ڪرائڻ واري عدالتي حڪم تحت ڳوٺاڻن کي گھر خالي ڪرائڻ دوران ڪجھ ڏينهن روينيو عملدارن پوليس اٽالن جي مدد سان ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڊي ايس پي،2 پوليس اهلڪارن سوڌو 15 ڳوٺاڻا مرد عورتون لاٺي چارچ ۽ چڪرين دوران زخمي ٿيا هئا ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ ۽ ڌرين وچ ۾ تيز ٿيل تڪرار بعد علائقي جون سياسي ڌريون ٻنھي جهيڙيندڙ ڌرين کي ٺاهڻ لاء ڪوششون شروع ڪيون هنيون.
