حيدرآباد (پ ر) گند ڪچري جي صحيح انتظام ڪاري نه هجڻ سبب انساني صحت ذهني ۽ جسماني صحت تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن جنهن جي لاء تڪرا اپاءٌ وٺڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار صحت ۽ ماحولياتي ماهرن سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن منقد ڪيل ورڪشاپ پاران ماحوليات ۽ صحت جي باري ۾ افتتاح ڪندي چيو. ڊاڪٽر هريش ڪمار چيو ته ماحوليات جي وڌندر بگاڙ سبب ذهني صحت جون بيماريون وڌي رهيون آهن جنهن سان خاص ڪري ڊپريشن ، بلڊ پريشر ذهني دٻاءٌ جي واقعن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي جنهن کي سٺي صفائي جي انتظام ڪاري سان گهٽائي سگھجي ٿو. مهراڻ يونيورسٽي جي ما حولياتي ماهرن ڊاڪٽر صفر ڪورائي چيو ته آبادي جي وڌندر دٻاءٌ سبب گند ڪچري جي ڪري گلاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جو هڪ سبب صفائي سٿرائي جو ناقص انتظام پڻ آهي هن چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو وڏو شهري مرڪز آهي پر ان جي گند ڪچري جو انتظام اڻپورو آهي هن چيو ته حيدرآباد ۾ لڳ ڀڳ ٻه هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿي رهيو آهي. جنهن کي سائنسي طور استعمال ڪري نه صرف گهٽائي سگهجي ٿو پر ان مان روزگار جا وسيلا پڻ پيدا ڪري سگھجن ٿا. سماجي اگواڻ جاويد سوز هالائي چيو ته شهرين ۽ ميونسپل علمدارن جي وچ ۾ بهتر ماحول پيدا ڪري انتظام جي مسئلي کي حل ڪري سگھجي ٿو. پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته نوجوانن کي ماحوليات جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ آگاه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن. پروگرام ۾ حيدرآباد جي مختلف علائقن جي نوجوانن شرڪت ڪئي ۽ تربيت ورتي.
