نوابشاهه(ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ جي ھدايتن تي نوابشاهه شھر جي مختلف علائقن ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام بھتر بڻايا پيا وڃن ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن پاران شھر جي مختلف ڪمرشل علائقن ڪپڙا مارڪيٽ، گول چڪري، ڳڙ مارڪيٽ، موبائل مارڪيٽ،لياقت مارڪيٽ، مسجد روڊ سميت ٻين علائقن۾ گند ڪچري لاءِ ڊسٽ بن رکيا ويا آهن تہ جئين شھر کي صاف سٿرو رکي سگھجي ڊپٽي ڪمشنر شھرين کي اپيل ڪئي آهي ته ھو ميونسپل انتظاميه پاران رکيل ڊسٽ بن ۾ گند ڪچرو اڇلائين تہ جئين ميونسپل ڪميٽي جي عملي کي ڪچرو کڻڻ ۾ آساني ٿي سگھي ۽ شھر کي صاف سٿرو بڻائي سگھجي جڏھن ته ڪجھ وقت اندر اھي ڊسٽ بن شھر جي ٻين علائقن ۾ پڻ رکيا ويندا ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر جي اھڙي قدم شھرين پاران ساراھيندي خوشي جو اظهار ڪيو آهي۽ شھر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ ضلع انتظاميه سان ھر ممڪن سھڪار جو يقين ڏياريو ويو آهي.
