وڌندڙ مھانگائي ۽ پورهيت طبقو

قاسم خاصخيلي
دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ جتي مهانگائي سبب دنيا جي معيشت ۽ اتان جي رهڻي ڪھڻي تي فرق پوڻ جون خبرون ميڊيا جي زينت بنجنديون رهن ٿيون اتي اسان جي ملڪ ۾ به مسلسل عوام پاران مھانگائي جون دانھون ٻڌڻ سان گڏ ميڊيا تي خبرن وسيلي ڏسي به رهيا آھيون، جيڪڏهن اسان پنھنجي ڀيٽ دنيا جي ٻين ملڪن سان ڪري انهن ملڪن جي وڌندڙ مهانگائي سان ڪنداسين ته انهن جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جا ماڻھو وڌيڪ پيڙھيل ۽ طبقاتي فرق جي ڪري تمام پوتئي نظر ايندا، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ مھانگائي ٿئي ٿي ۽ اگر ڪا شيءِ وڌي به ٿي ته ان جو بہ ڪو ماڻ ماپو يا ڪا حد هوندي آھي، جيئن مھانگائي وڌي ٿي ته ان حساب سان اتان جي ماڻھن جي عام ڪمائي يا آمدني توڙي پگھارون به وڌايون وينديون آھن پر اسان وٽ مھانگائي جو اهڙو جن آھي جيڪو ڪنهن به حڪومتي مشينري جي اڳواڻ کان ويندي ڪنهن به وزير يا مشير جي قابو ڪرڻ کان وڌيڪ طاقتور بنيل هوندو آھي اسان جي حڪومتن وٽ اهڙو ڪو ڌاڳو ڦيڻو يا عمل ئي ناهي هوندو جنهن سان مهانگائي واري جن جي عوام جي پيٽ تان ان جي اها ڳري لت لاهي سگهجي، هت مهانگائي وڌڻ جو ته ڪو به حساب ڪتاب آھي ئي ڪونه! جنهن کي جيترو وڻي جيئن وڻي ائين پنهنجي شين جا اگھ مقرر ڪري وڪرو ڪري ۽ وڪري کان پوءِ وري ان جي وٺڻ وارن واپارين هول سيلرن مطلب ته مٿان کان هيٺ ننڍي کان ننڍي دڪاندار تائين سڀ جا سڀ پنهنجي مرضي جا مالڪ هوندا آھن، جيئن وڻندو اٿن تيئن ان شيءِ تي منافعو ڪمائيندا آهن ڇو ته انهن ناهائز منافعي خورن جي مٿان اڪثر حڪومت جي ذميوار ڌرين جو ڪو به چيڪ اينڊ بئلنس ڏسڻ ۾ ناهي ايندو پر جي ڪڏهن ڪٿي ڪو چيڪ ڪرڻ وارو آفيسر ڏسڻ ۾ آيو به سھي ته اهو صرف مخصوص ڏهاڙن، ڪنهن خاص موقعي مھل يا ڪنهن هڪ اڌ هنڌ تي سڻ ۾ ايندو آھي ۽ اهو به اهڙو جو صرف وقتي طور ڏيکاء پيو محسوس ٿيندو آھي، اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ گذريل ڪجھ سالن جي ڳالھ ڪنداسين ته مهانگائي جيڪا هر هڪ شعبي ۾ الائي ڪيترا سؤ سيڪڙو وڌيل نظر اچي ٿي پر خاص ڪري انهن وڌندڙ شين جي اگھن ۾ عام واهپي جي شين سميت کاڌي پيتي ۽ دوائن جي قيمتن ۾ جيترو اضافو ٿيو آھي اهو ڳڻڻ کان چڙھيل آھي، عام پورهيت طبقي کان ڄڻ ته جيئڻ جو حق کسڻ برابر محسوس ٿئي ٿو، جتي ٻين شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آھي اتي اٽو، کنڊ، پتي، گيھ، مرچ، مصالحن ۽ سبزين جي اگھن جي واڌ هاڻ ته مسڪين ۽ پوهيت طبقي جي اهنجن ۾ هاڻ ته وڏو اضافو ڪرڻ سان گڏ سندن کان روزگار جا ذريعا پڻ گھٽ يا ختم ڪري ڇڏيا آھن، پورهيت مسڪين ماڻھو هن وقت صرف ٻن ويلن جي لاء پيٽ ۾ رکي ماني کائڻ لاء به پريشان آھي، هن وقت پورهيت ۽ هيٺئين ڪلاس جي عام ماڻھو جي نه ته مزدورين ۾ ڪو خاطر خواھ واڌارو ٿو ٿئي ۽ نه ئي هيٺئين طبقي جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پينشن ۾ ڪو خاطر خواھ اضافو ٿو ڪيو وڃي، جنهن جي نتيجي طور مسڪين پورهيت طبقي سان گڏ ننڍا سرڪاري ملازم ۽ ريٽائر ٿيل پينشنر مهانگائي جي تناسب سان آمدني نه وڌڻ جي ڪري ذھني مريض ٿي رهيا آھن، مهانگائي سبب وڌندڙ گهريلو خرچن سميت دوائن جي اگهن، گاڏين جي ڪراين، جڳهين جي مسواڙن، ڊاڪٽرن جي فين، ٻارن جي اسڪول جي فيسن سميت سندن روز مره جي ٻين خرچن جو پورائو نه ڪرڻ تي ڪافي ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي به مجبور ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته ان قسم جا اهڙا واقعا اڪثر اسان کي ميڊيا وسيلي ڏسڻ ٻڌڻ ۽ پڙھڻ لاءِ به ملندا رهن ٿا. هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جي جن کي ڪنٽرول ڪرڻ جون دعوائون ڪندڙ حڪومتي ڌرين کي هاڻ ملڪ جي عوام ڏانهن مڪمل ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي ڇو ته وڌندڙ مهانگائي ۽ ٻين ملڪي مسئلن کي ڪنهن به سياسي بيان بازي ۽ ٺلھن آسرن جي لولي پاپ سان حل نٿو ڪري سگهجي هاڻ وقت بدلجي رهيو آھي ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا سميت هر ماڻھو جي هٿ ۾ آيل موبائل جھڙي رانديڪي وسيلي مٿئين طبقي سميت عام ماڻھن ۾ به شعور اچي رهيو آھي، جنهن ڪري سياسي بيان ۽ قوم سان وقتي همدرين کي ماڻھو قبول نٿا ڪري سگهن، قوم ۽ ملڪ جي مفاد ۾ بهتر فيصلا ئي ماڻھن جي دلين ۾ سياسي ڌرين لاء احترام جو جذبو پئدا ڪري سگهن ٿا، بهتر ملڪي مفاد وارا برابري جي بنياد تي عام ماڻھو کي حق ڏيڻ سندن روز مره جي استعمال وارين خاص ڪري کاڌي پيتي وارين شين جي اگهن ۾ جامع منصوبا بندي تحت گھٽتائي ڪري انهن جي اجرت، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌارو ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ قوم حقيقي معني ۾ اوهان کي پنهنجو ليڊر تسليم ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں