افغاني بارڊر تان ايندا آھن پيراشوٽ ذريعي ناھن ايندا، انهن کي اتي ئي روڪيو وڃي:نادرا چيئرمين

لاڙڪاڻو/خيرپور/هنڱورجا (نمائندن وٽان) خيرپور ۾ نادرا جي چيئرمين محمد طارق ملڪ نادرا جي  رجسٽريشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، طارق ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ضلعو تمام وڏو ضلعو آهي عوامي شڪايتن تي ھي آفيس کوليو جتي ھڪ ئي وقت سوين عورتن ۽ مردن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.  ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر ٿيل  نادرا جا 57 سينٽر ٻيھر ٺھرايا ويا آھن ۽ متاثر ملازمن کي اضافي پگھارون ڏنيون. ھن وقت افغانين لاءِ ڪارڊ ٺھڻ ٺھڻ وارو عمل مشڪل آهي 2007 تائين افغانين جا ڪارڊ ٺھيا ھاڻي روڪيو آهي، افغاني بارڊر تان ايندا آھن پيراشوٽ ذريعي ناھن ايندا، بارڊر تان افغانين کي روڪيو وڃي تہ مسئلو حل ٿي ويندو،ضلعي انتظاميا جا عملدار ڊوميسائيل، رھائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا سرٽيفڪيٽ بغير تصديق جي نہ ٺاھي ڏين نادرا طرفان 1427 افغانين کي پڪڙيو ويو آهي. نادرا طرفان شناختي  ڪارڊ رينيو ڪرائڻ لاءِ ايپليڪيشن ٺاھي رھيا آھيون جنھن جو افتتاح وزير اعظم ڪندو. ٻئي طرف لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ويجهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب نادرا رجسٽريشن سينٽر جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين نادرا وڌيڪ چيو ته افغانين جا ڪارڊ 2007 کان اڳ جا ٺهيل هئا ان وقت ملٽي بائيو ميٽرڪ سسٽم نه هو ۽ پاڪستان ۾ افغانين جي آمد جو سلسلو 1980 کان شروع ٿيو هو هاڻي ته ملٽي بائيو ميٽرڪ سسٽم اچڻ بعد اهي ڪارڊ ٺهڻ انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي. هن چيو ته هاڻي ڪو به افغاني يا غير ملڪي ڪارڊ ٺهرائڻ ٿو ته ان جي پراپر ويريفڪيشن ڪئي ويندي آهي ۽ ڪارڊ ۾ چيڪس ۽ بائيو ميٽرڪ ڊوائيسز لڳايا ويا آهن اهڙا ماڻهو سينٽر تي ايندا ته انهن جي ٽرانزيشن به چيڪ ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته اڳ خبر ٺهي ويندي هئي ته ايترن افغانين جا ڪارڊ ٺهي ويا پر هاڻي خبر لڳڻ گهرجي ته نادرا جو سسٽم ايترو ته مضبوط ٿي ويو آهي جو انهن جا ڪارڊ ٺهڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. هن چيو ته عوام اسان جون اکيون ۽ ڪن آهن انهن کي به اپيل آهي ته جيڪڏهن ڪو افغاني آهي ته ان جي زميني تصديق ڪرائن اهو تاثر بڻيل آهي ته هر برو ڪم افغانين ڪيو آهي اها به غلط ڳالهه آهي. هن چيو ته 1427 افغانين ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ اپلائي ڪيو جن جا ڪارڊ ٺهي نه سگهيا ۽ هو اسان جي سينٽرن تي به آيا. هن چيو ته نادرا خلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي اسان انٽرنيشنل پراجيڪٽ ڪندا آهيون ان وقت اهڙي پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي ۽ مختلف قسمن جون خبرون لڳنديون آهن. هن چيو ته نادرا جي مضبوط نظام ذريعي اسان کي خبر پئجي ويندي آهي ته ڪير ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ ڪير سچ ٿو ڳالهائي تنهن ڪري هاڻي پاڪستاني جي لاءِ ڪارڊ ٺاهڻ آسان ۽ افغاني توڙي غير ملڪين لاءِ ڪارڊ ٺاهڻ انتهائي مشڪل آهي. ان موقعي تي ڊي جي نادرا سکر احتشام شاهد، ڊپٽي آپريشن مئنيجر غلام مصطفي پنهور، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايدمن ڪيپٽن رٽائرڊ رضا علي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو زون نبي بخش، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ انچارج نادرا سينٽر لاڙڪاڻو محمد شريف سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں