اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ غلام حسين قريشي جي رھواسين ۔قادربخش شاھ ۔اسلم شاھ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته ديھ پڪو ملوڪمياڻي ۾ اسان جي 5 ايڪڙ قبولي زمين آھي جنھن تي تراب شاھ ۔ٻيلي شاھ ۔لعل شاھ ۔ساجد شاھ ۽ ٻيا زوري زمين تي قبضو ڪري رھيا آھن جيڪا اسان سان زيادتي آھي ۔قادربخش شاھ ۔اسلم شاھ ۽ ٻين وزير اعلي سنڌ ۔آئي جي سنڌ ۔ڊي آئي جي سکر ۔ڊي سي گھوٽڪي ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان گھر ڪندي چيو ته اسان جي زمين تي ٿيل قبضو ھٽائي اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں