جمهوري جدوجهد، حاصلات ۽ نيون منزلون !

علي محمد ميمڻ
دنيا جي مختلف انقلابي قومن ۽ ملڪن وانگرن اسانجو ملڪ پڻ گهٽ ۾ گهٽ هڪ صديء کان پنهنجي عوامي هلچل ۽ جمهوري تحريڪن لاءجڳ جهان ۾ مشهور آهي. اسانجو دنيا جي جمهوريت پسندن لاء ورهين کان اميدن جو مرڪز بڻيل آهي. پاڪستان جا ماڻهو ۽ شهري دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ وڃن ٿا ته، انهن کي پرائم منسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ميڊم بينظير ڀٽو جي ملڪ جي ماڻهن طور خصوصي اهميت ۽ مان ڏنو وڃي ٿو. يقينن اسان جو ملڪ پنهنجي جمهوري تحريڪن، عوامي قيادت ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد ۽ قربانين ڪري دنيا ۾ مشهور ۽ نيڪ نام آهي. اهڙي ريت اسانجي ملڪ جي عوام جون خوشيون ۽ ڏک اهڙا ته هڪٻئي ۾ ملي ويا آهن جو ڪنهن وقت روئڻ ٿا لڳون ته وري همت ساري اکين ۾ اميدن ۽ بهتر مستقبل جي جدوجهد جا ڏيئا ٻري ٿا اٿن. گذريل 27 ڊسمبر واري شام ملڪ ۾ڪرورڙين عوام ، دنيا جي جمهوريت پسندن سا گڏجي سوڳ ۾گذاريو ۽ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي تي کيس ياد ڪندي صبح ڪئي. سموري قوم شهيد راڻي جي ڏکوئيندڙ وڇوڙي کي دل ۽ جان سان محسوس ڪيو .ڪالهه به شهيدن جي شهر ڳڙهي خدا ڀٽو ۾سموري ملڪ مان جمهوريت پسندن ۽ جيالن جا سمورا خاندان سندس قابل فخر فرزند چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سرواڻي ۾گڏ ٿيا ۽ اکين جا نير وهائي جمهوريت جي اميدن جا ڏيئا ٻاريندا رهيا.
ملڪ ۾ عوام جي حڪمراني ۽ جمهوري سرشتو قائم ڪرڻ ۽ جمهوري ادارن جي اڏاوت ڪرڻ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ملڪ کي دنيا ۾ پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي فخر سان جيئڻ ۽ اڳتي وڌڻ واري جيڪا جدوجهد، فڪر ۽ سوچ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو طرفان ملڪ ۾ پيدا ڪئي وئي. ملڪ ۾ پارلياماني جمهوري سرشتو قائم ڪرڻ قومي اسيمبلي کي بااختيار بنائڻ، ملڪ کي وفاقي مملڪت ۽ جمهوري بنياد مهيا ڪرڻ وارو 1973ع جو آئين جهڙي ريت، پارليمان مان متفقه طور منظور ڪرايو ويو اهو ڪارنامو يقينن ملڪ کي پنهنجي بهتر حال ۽ شاندار مستقبل جي بنياد مهيا ڪري ويو. هن آئين ٺهڻ سان ملڪ کي پنهنجي قائم ٿيڻ وقت ملڪ جي وفاق ۾ شامل ٿيندڙ قومن سان ڪيل عمراني معاهدي جي واعدي کي پهريون ڀيرو لکت ۾ آئيني دستاويز جي صورت ۾ سمورين ڌرين جي اتفاق سان قبوليو ويو ۽ انهي دستاويز جي روح موجب ملڪ کي گڏجي ۽ جمهوري پارليماني طريقيڪار تحت هلائڻ فيصلو، واعدو ، وچن ۽ اقرار ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو ملڪ کي چئن صوبن ۽ گهڻين قومن تي مشتمل ملڪ طور مڃيو ويو ۽ انهي آئيني دستاويز جي صورت ۾ لکت ۾پڌرو پڻ ڪيو ويو ۽ انهي جي عملي صورت طور ملڪ جي سمورن صوبن جي هڪ جيتري نمائندگي تي ٻڌل پارليمان جو مٿيون ايوان، سينيٽ آف پاڪستان قائم ڪيو ويو. سينيٽ آف پاڪستان کي ملڪ جي وفاقي سرشتي ۾ بنيادي ۽ مرڪزي حيثيت حاصل آهي جنهن جي فيصلن ۽ منظوري بابت قومي اسيمبلي کي پابند بڻايو ويو آهي. ملڪ ۾ڪيترا ئي مختلف آمرن ۽ جنرل مشرف ۽ سندس باقيات وارن رانديگرن جي سرڪار جي آمريتن طرفان ملڪ جي جمهوري سرشتي جي خاتمي لاء گهڻو زور لڳايو ويو ۽ ملڪ ۾وري ون يونٽ يا صدارتي نظام قائم ڪرڻ لاءهر ممڪن حيلا هلايا ويا پر ملڪ جي جمهوريت پسندن جي مزاحمت ۽ ردعمل کين ناڪام بڻائي ڇڏيو.
محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پنهنجي سموري حياتي جي جدوجهد ملڪ ۾ جمهوريت جي آبياري، عوام جي آزادي ۽ خوشحالي ۽ آمرن ۽ آمراڻي ڪارروائين کي ناڪام بنائڻ لاء ڪيل جدوجهد پڻ ملڪ جي جمهوري تحريڪ جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي. ملڪ تان آم ۽ سندس آمريت جو خاتمو ڪرڻ لاء محترمه بينظير ڀٽو 16 سال اڳ پنهنجي 9 سالن واري جلاوطني ختم ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ته انهي دور ۾ ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاء وڪيلن جي تحريڪ هلي رهي هئي ۽ سپريم ڪورٽ ۽ هاء ڪورٽن جا جج آمر جنرل پرويز مشرف جي حڪومت جا باندي بڻيل هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن محترمه بينظير ڀٽو جي اعتماد ۽ حاصل حمايت سان سموري ملڪ ۾آمر خلاف هلچل جي قيادت ڪري رهيو هو ۽ سموريون سياسي جماعتون هڪ هڪ ٿي وڪيلن جي انهي تحريڪ ۾ شامل ٿي رهيون هيون ۽ جيئن وقت گذري رهيو هو ته وڪيلن جي اها هلچل وڌي ملڪ جي وڏي عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي رهي هئي. آخرڪار ملڪ جون حالتون حڪومت جي ضابطي ۽ ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري ويون ته صدر جنرل پرويز مشرف طرفان دبئي ۾ جلاوطن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان رابطو ڪيو ويو ۽ کائنس ملڪ بچائڻ جي درخواست ڪئي.
ملڪ ۾ هلندڙ عوامي هلچل ۽ سول نافرماني جهڙي بحران واري دور ۾ جمهوري سياست جي بحالي جا موقعا هٿ اچڻ ۽ وڌڻ، ويجهڻ ئي ته جمهوري جدوجهد جا ئي اهي مقصد هوندا آهن جنهن لاء سياسي قيادت ۽ ڪارڪنن طرفان پاڻ کي تڪليفن ۽ مشڪلاتن ۽ جيلن جي حوالي ڪيو ويندو آهي. آخرڪار ملڪ ۾ آمريت جي 10 سالن واري ڊگهي دور ۽ ڊگهي رات جو خاتمو ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جو سج اڀرڻ جا آثار پيدا ٿي ويا. اهڙي ريت آمريت کان جمهوريت ڏانهن منتقل ٿيڻ واري تاريخ موجب، آمر جنرل پرويز مشرف، محترمه بينظير ڀٽو وٽ دبئي ۾ ٽيون ڀيرو پيش پيو ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ عام چونڊون ڪرائڻ ۽ سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ سمورا انتقامي ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو ۾محترمه بينظير ڀٽو سان معاهدو ڪيو . جنهن قومي مفاهمي آرڊينينس يا اين آر او قرار ڏنو ويو. قومي مفاهمت آرڊينينس) اين آر او (، جنهن کي انگريزي ۾ نيشنل ري ڪنسيليئيشن آرڊينينس) اين آر او(کي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي، جنهن جي ذريعي ملڪ تي قابض هڪ آمراڻي سرڪار کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن، محترما بينظير ڀٽو، پنهنجي سياسي تدبر ۽ پرامن تحريڪ ذريعي عوام جي طاقت آڏو گوڏا کوڙائڻ تي مجبور ڪري وڌو. تنهن ڪري هاڻي اهو اين آر او، هر آمر ۽ قابض لاء بلڪل ڇرڪائيندڙ بلا ۽ سندس سرڪار خلاف تباهيء ۽ تڏا ويڙهه ڪندڙ ڊرل مشين يا آبدوزن ۾ سوراخ ڪندڙ تارپيڊو ميزائل وانگر آهي. جنهن سان آمريت جي بند محل ۾ سوراخ ڪيو ويو ۽ پوء ڪروڙين عوام جي سيلاب، ملڪ جي سمورين رڪاوٽن ۽ بندشن کي وهائي کڻي وڃي سمنڊ ڀيڙو ڪيو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ساڳئي سمنڊ مان ملڪ ۾ آيل سونامي وري ڪنهن طاقتور عوامي سيلاب کان ڊڄي رهي آهي ته، بلڪل، اها ڳالهه پڻ سمجهه ۾ اچڻ واري آهي!.
محترمه بينظير ڀٽو جي سرواڻي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌرين ۾ ٿيل قومي مفاهمت واري ٺاهه، اين آر او تحت ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي جو خاتمو ٿيو ۽ جلاوطن سياسي اڳواڻن جي ملڪ ۾ واپس اچڻ تان پابنديون هٽايون ويون. ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ٿيو . اهڙي ريت، 18 آڪٽوبر 2007 تي محترما بينظير ڀٽو 9 سالن جي ڊگهي جلاوطني بعد وطن واپس موٽي آئي ۽ ڪراچي جي هوائي اڏي تي سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو. اهڙي ريت، عوام جو سمونڊ آمريت ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاء واريون سموريون ديوارون ڪيرائيندو ۽ عوامي سيلاب آڏو آيل سمورا بند وهائيندو. ملڪ تان آمريت جو خاتمو ڪرڻ بعد ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوام جي حڪمراني بحال ڪرڻ ۾ سئو سيڪڙو ڪامياب ٿي ويو. پر جمهوريت جي بحاليء واري انهيء عوامي هلچل ۾ جمهوري طاقت جي سرواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي ڪيترائي حملا ٿيا جنهن ۾ تمام گهڻين انساني جانين جون قربانيون ڏيڻ بعد آخر ڪار منزل جي ويجهو پهچي سالار جمهوريت ۽ فاتح جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي ساهه ۽ جان جي قرباني ڏيڻي پيئي ۽ 27 ڊسمبر 2007 ع تي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن واري پنهنجي عوامي رابطا مهم دورن راولپنڊي جي لياقت باغ ۾پنهنجي آخري عوامي اجتماع سان خطاب ڪرڻ بعد جلسي گاهه جي ڀرسان دهشت گردن جي فائرنگ ۽ بمن واري ڪيل حملي ۾ شهيد ٿي وئي. ملڪ کي لوڏيندڙ ۽ جمهوريت کي رتوڇاڻ ڪندڙ اهي منظر اکين ۾ لڙڪن جي صورت ۾اوتجي آيا. لکين سوڳوار پنهنجن محسنن جي لازوال جدوجهد ۽ قربانين جا الاء پنهنجي اندر ۾ اوتيندا رهيا. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو واري شهيدن جي ايوان ۾ملڪ جي جمهريت پسندن جي اڌ صديء کان وڌيڪ جدوجهد جو جائزو ورتو ويو، جدوجهد جي مختلف دورن ۽ مرحلن کي اجاگر ڪيوويو، دوستن ۽ ڊشمنن جو احتساب ۽ حساب لڳايو ويو. قربانين جي ڪارگر ٿيڻ ۽ حاصلات جو ڪاٿو لڳايو ويو ۽ پنهنجي جدوجهد جي نئين رخن ۽ منزلن جو تعين ڪيو ويو ۽ جمهوريت جي پروانن جي انهي اجتماع عام ۾پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي سلامتي، قومن جي حقن، آئين جي حفاظت ۽ عوام جي حقيقي حڪمراني قائم ڪرڻ وارا پنهنجا فيصلا ۽ وچن ۽ فرض نڀائڻ جا جذبا ۽ عزم کڻي جيالا اڳين منزلن طرف روانا ٿي ويا، يقينن، اسين پنهنجن جمهوريت پسندن ۽ عوام دوست ڌرين جي سندن سمورن نيڪ مقصدن ۾ ڪاميابي لاء دعاڳو آهيون.
Email. alimemonlive@yahoo.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں