لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن، حڪومت کان وڌيڪ پوئتي ويٺل ماڻهن جو چونڊن لاءِ راضي ٿيڻ ضروري آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت آڻڻ جو شوشو ڇڏيو پيو وڃي، هن وقت اسٽيبلشمينٽ سان ڪو رابطو ناهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪئي وئي ته نتيجا سٺا نه نڪرندا، اوڀر پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي جماعت جو مينڊيٽ تسليم نه ڪيو ويو هو. هن چيو ته پي ڊي ايم رڳو ڊرائنگ روم جي جماعت بڻجي رهجي وئي آهي، جنرل (ر) باجوا هن ملڪ تي وڏو ظلم ڪيو، اسان ڏيوالي جي ڀرسان آهيون، جنرل (ر) باجوا سان اسان جي حڪومت جا سٺا لاڳاپا رهيا. سندس چوڻ هو ته جنرل (ر) باجوا جي نظر ۾ سياستدانن جي ڪرپشن بي معنيٰ هئي، نيب قانونن ۾ ترميم ڪري 11 سئو ارب رپين جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪيا ويا، ن ليگ ۽ پ پ جا مفاد ٻاهرئين ملڪ آهن، ٻنهي خاندانن جا مفاد پاڪستان سان ناهن ته انهن سان ميثاق معيشت ڪيئن ڪيون. عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ۾ 5 سيڪڙو ڊيفالٽ جو خطرو هو، جيڪو هاڻ 90 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، ملڪ تي قبضي گروپ جو راڄ ۽ جهنگ جو قانون آهي، قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ بنا پاڪستان جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.
