حيدرآباد(پ ر) سافڪو طرفان نالي واري سماجي اڳواڻ زاهده ڏيٿو جي سالگره ملهائي وئي، جنهن صحافين، سماجي تنظيمن انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي ۽ سماجي شعبي ۾ سندس خدتمن جي واکاڻ ڪئي. ايڇ آءِ ڊي هال سافڪو ۾ منعقد ڪيل تقريب دوران سافڪو جي باني سر سليمان جي ابڙو، ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر، ناز سهتو، امداد چانڊيو، سيد زنوار نقوي، سيد سجاد علي شاهه، بشير ابڙو، مهيش ڪمار، رئوف چانڊيو، ستار ڏاهري، قبال ميمڻ، عبدالرسول چانڊيو، سترام سوٽهڙ، حميد ملاح، شاهد حسين ٻرڙو، رستم علي، اقرا، غفرانه، زارا، افشان، ثمينا، رميز اقبال ٻين طرفان زاهده ڏيٿو کي اجرڪ، گلدستا، ۽ ٻيا تحفا ڏنا پڻ ڏنا ويا.
