دادو(ڊ ر)دادو ۾ سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي راڳي سرمد سنڌي جي 26 ورسي تقريب دادو پريس ڪلب ۾ سرمد سنڌي يادگار ڪاميٽي پاران عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي پريس ڪلب دادو جي ڪانفرسن هال ۾ ورسي تقريب کي سنڌ جي ناليوارن صحافين، اديبن، شاعرن ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن سندس زندگي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي دادو پريس ڪلب جي صدر صابر علي ڀنڊ، سينئر صحافي غوث علي جهتيال صدر سنڌ جرنلسٽس ڪائوسنل دادو، سينئر صحافي گلڻ ڀنڊ، سرور جلال سولنگي، فتاح شيخ، سماجي اڳواڻ محمد بخش ڪورائي، لياقت علي ملڪ،ڪامران ڪورائي، ديدار شيخ، واجد علي ملاح، علي گوهر سومرو، فياض ڏاوڇ،علي گل چنہ, سخي سردار چارڻ، محمد خان جمالي، نثار احمد سومرو، رضوان ميمڻ ۽ ٻين لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي 26 ورسي تقريب ۾ سرمد سنڌي جي پورٽريٽ اڳيان ڏيئا ٻاري عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا، مقررن چيو تہ سرمد سنڌي جي گيتن ۾ سنڌ جو روح سمايل هيو جنهن ڪري اڄ تائين سرمد ڪروڙين سنڌين جي دل ۽ دماغ ۾ رجي ٿو ۽ سرمد سنڌي جهڙي شخصيت ڪڏهن به مرڻي نه آهي هي هميشه زنده آهي ۽ رهندو، هو سنڌ دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊو ھوجن کيس نه سٺو، سندس گيت سنڌ جي قومي ٻڌي لاء هميشه گوجندا رهندا.
