دڙو (ن س) دڙو شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ مھانگائي ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن، ڪڻڪ جي اٽي ۾ 140 روپيا واڌ ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف پورھيت سومار سومرو، کمن ماڇي، عارو ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي ماڻھن پنڃاري پل چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي غريب پورھيتن مھانگائي خلاف دانھون ڪندي چيو تہ ڪڻڪ جو اٽو 140 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيڻ لڳو آھي، جڏھن تہ بصر، بٽاٽا، گوشت، مڇي آئل، فروٽ، بيضا ۽ سبزين سميت ٻين شين ۾ رڪارڊ مھانگائي سبب غريب ماڻھن جي چيلھ چٻي ٿي وئي آھي، ھنن چيو تہ موجودہ حڪومت تاريخ جي بدترين مھانگائي ڪري عوام جي وات مان ماني جو گراھ بہ کسي ورتو آھي، عوام سخت پريشان آھي، ھاڻي تہ اٽي جي اگھ ۾ واڌ سبب رُکي ماني بہ نٿا کائي سگهون، ھنن مطالبو ڪيو تہ اٽي جي اگھن سميت ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگھ گهٽائي غريبن کي بک وگهي مرڻ کان بچايو وڃي.
