سنڌ ايڪشن ڪميٽي نون صوبن لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو، ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ بک هڙتال جو اعلان

ڄامشورو( رپورٽ: ربڏنو ابڙو ) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھہ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو, جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاهه، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر سيد مسرور شاهه ، جيئي سنڌ محاذ (س) جي اڳواڻ آدم ٻٽ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ تاج جويو،  ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پروفيسر مشتاق ميراڻي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، روشن علي ٻرڙو، نواز شاهه ڀاڏائي، حريف چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي,جڏهن ته اجلاس بعد اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اجلاس ۾  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان نون صوبن جي قيام لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي ۽ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان آئين جي آرٽيڪل 144 ۽ 147 ذريعي سنڌ جي قدرتي وسيلن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالھہ تي اتفاق ڪيو ويو تہ پيپلزپارٽي ايندڙ وقت ۾ اقتدار جي حاصلات ۽ بلاول زرداري کي وزيرِاعظم ڪرڻ جي شوق ۾ ارڙھين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪري سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان قراردادون پاس ڪري، معدني وسيلن تي سيڙپڪاري ۽ ٻين انتظامي اختيارن کي صوبن کان کسي وفاق جي حوالي ڪيو ويو آھي. نہ صرف ايترو سنڌ جا ٻيٽ ۽ سنڌ جون زمينون پڻ وفاق جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آھي. ريڪوڊڪ جي بھاني صوبن مان اختيارن جي منتقلي، صوبن جي قدرتي وسيلن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جي برابر آھي، پاڪستان جي فيڊريشن جي بنيادي تصور جي خلاف ورزي آھي. هنن چيو ته  سنڌ سميت ٻيا صوبا تاريخي قومي وحدتون آھن ۽ 1973ع جي آئين ۾ بہ صوبن جي جاگرافيائي وحدت کي تسليم ڪندي، ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي تبديلي جو اختيار آرٽيڪل 239 (4) تحت صوبن وٽ محفوظ آھن پر ھن وقت مرڪزي سرڪار ۽ پيپلزپارٽي جي ملي ڀڳت سان قومي اسيمبلي ۾ ھڪ اھڙي ڪاميٽي جوڙي ويئي آھي، جنھن جو مقصد آئين ۾ ترميم ڪري نون صوبن لاءِ ۽ خاص طور تي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي ورھائڻ لاءِ راھموار ڪرڻ آھي، اھو عمل مرڪز طرفان ھڪ نئين ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي سازش آھي. ھنن چيو ته ملڪ اندر رياستي ۽ معاشي بحران عروج تي آھي، ان وقت ۾ نون آئيني ٽڪساٽن، جنھن ۾ خاص طور تي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن مان محسوس ٿئي ٿو تہ ملڪ جا حڪمران ، ملڪ جي فيڊريشن کي برابري تي ھلائڻ بجاءِ ڏاڍ ۽ جبر جي ذريعي ھلائڻ چاھين ٿا، جنھن ڪري پيپلزپارٽي سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو سمجھندي، سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي تي مجرماڻو ڪردار ادا ڪندي ، سنڌ سان غداري ڪري رھي آھي, هنن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ جو عوام گڏيل مطالبو ٿو ڪري تہ قومي اسيمبلي طرفان نون صوبن لاءِ جوڙيل ڪاميٽي کي فوري طور ختم ڪيو وڃي ۽ ساڳي طرح سنڌ ايڪشن ڪميٽي  ۽ سنڌ جو عوام مطالبو ٿو ڪري تہ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان آرٽيڪل 144 ۽ 147 تحت پاس ڪيل قرار دادن کي فوري طور واپس ورتو وڃي. هنن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ خلاف ٿيندڙ انھن سازشن خلاف عوامي رابطہ مھم ۽ سياسي جدوجھد ذريعي سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪندي ۽ اسيمبلين مان ٿيندڙ سازشن خلاف 7 ۽ 8 جنوري 2023ع تي سڄي سنڌ جي ڊويزنل ھيڊڪواٽرن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاھہ، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 24 ڪلاڪن جي علامتي بک ھڙتال ڪئي ويندي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي بار ڪائونسلن، وڪيلن، اديبن، دانشورن ۽ سنڌ جي عوام کي اپيل ٿي ڪري تہ پيپلزپارٽي جو ھي مڪروہ چھرو سنڌ جي عوام تائين پھچائين ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف ميدان تي اچي جدوجھد ۾ اسان جو ساٿ ڏين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں