سنڌ سجاڳي فورم پاران سرمد سنڌي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تقريبون منعقد

ملير/جھرڪ (پ ر) سنڌ سجاڳي فورم ضلعي ملير پاران يوسف ڳوٺ ملير ۽ سنڌ سجاڳي فورم جھرڪ يونٽ پاران جھرڪ شھر ۾ سنڌ جي ٻيجل، قومي ۽ انقلابي راڳي سرمد سنڌيءَ جي 26 ھين ورسيءَ جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ جون ننڍڙيون تقريبون ڪيون ويون، جھرڪ واري تقريب جي صدارت فورم جي مرڪزي اڳواڻ سارنگ جويي ڪئي، جڏھن تہ ملير واري تقريب جي صدارت ڪراچي ڊويزن جي چيف آرگنائيزر سڪندر اوٺي ڪئي. ھنن تقريبن جي شروعات سنڌ جي قومي تراني سان ڪئي وئي، جنھن کان پوءِ سرمد سنڌيءَ تصوير آڏو گل نڇاور ڪري کيس لفظن ۽ قومي گيتن سان ڀيٽا ڏني وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته، ”سرمد سنڌي سنڌ جو اھو قومي ۽ انقلابي راڳي ھو، جنھن سنڌ جي قومي ڪيس کي پنھنجي من موھيندڙ آواز ۾ گيتن جي صورت ۾ ڳائي سنڌ جي جھر جھنگ تائين پھچايو ۽ سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻ تي آمادہ ڪيو، سندس گيتن ۾ اھڙي تہ ڇِڪَ ھوندي ھئي جو ٻُڌندڙ ان جا گيت ٻُڌي سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيا ۽ انھن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پنجاب سامراج خلاف جدوجھد ڪئي. سرمد سنڌ جو انقلابي آواز بڻجي چُڪو ھو، جيڪو انقلابي شاعرن جي انقلابي گيتن کي ڳائي انھن جو پيغام سنڌ جي جھر جھنگ ۾ پھچائيندو ھو، جنھن ڪري رياست کيس رستي تان ھٽائڻ لاءِ سندس ٻہ ڀيرا ايڪسيڊنٽ ڪرايا، پھرئين ايڪسيڊنٽ مان ھو بچي ويو پر ٻئي ايڪسيڊنٽ ۾ ھو اسان کان ھميشہ لاءِ وڇڙي ويو، سرمد سنڌي 27 ڊسمبر 1996 تي اسان کان ھميشہ لاءِ وڇڙي ويو، سندس وڇوڙي گھڻن جا جيءَ جھوري وڌا ھُئا، اڄ بہ جڏھن سندس ڳايل اھو گيت ٻُڌندا آھيون تہ، ”جڏھن اسان ھن دنيا مان گذاري وينداسين“ تہ اکين مان لڙڪ وھي ايندا آھن. اسان سنڌ سجاڳي فورم جي ضلعي ملير ۽ جھرڪ جي ساٿين کي جس ٿا ڏيون جن سنڌ جي ھن قومي راڳي کي ياد ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي آھي.“ جھرڪ شھر ۾ استاد ڪڪن جماري شيخ اياز، ابراھيم منشي ۽ سرمد جا گيت ڳائي ۽ سنڌ سجاڳي فورم جھرڪ يونٽ جي آرگنائيزر اللہ بخش جماري پنھنجي شاعري ڳائي سرمد سنڌيءَ کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي.  ان موقعي تي يوسف ڳوٺ ملير ۾ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن سڪندر اوٺي، ياسين جھلڻ، غني عاجز، ڪراچي ضلعي ملير جي اڳواڻن امداد سنڌي، فرحان سنڌي، ضلعي ڪراچي ڏکڻ جي مڪيش ڪمار، تعلقي لانڍي جي اڳواڻن مرتضيٰ سنڌي، ڪامران مري، جسقم جي اڳواڻ مختيار سومري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏھن تہ جھرڪ ۾ سنڌ سجاڳي فورم ڪورنگي ضلعي جي اڳوڻي اڳواڻ ريجھو مل، جھرڪ جي آرگنائيزرن مير حسن، رستم، اللہ بخش، جيئي سنڌ قومي پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ شاھد سومري ۽ ٻين دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں