لاڙڪاڻو/قمبر(نمائندن وٽان) صوبائي وزير صحت سنڌ ڊاڪٽر عذره پيچوهو، چيو آهي ته گذريل ٻن سالن کان سنڌ صوبو پوليو کان پاڪ ۽ فارغ ٿي ويو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ان کي برقرار رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو ۾ پرفارمنس رويو اينڊ ايپريسيئيشن سيريمني فار پوليو اريڊيڪيشن انيشيٽو لاڙڪاڻه اينڊ سکر ڊويزن جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ڪمشنرز، ٻنهي ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرز، ڊي ايڇ اوز، ايم ايسز ۽ ٻين واسطيدارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير کي نقشن ۽ چارٽن ذريعي پوليو بابت صحت کاتي جي عملدارن بريفنگ ڏني، جنهن تي هن پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ کين هدايتون ڏنيون ته اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ صوبو هميشه لاءِ پوليو کان پاڪ ھجي. ان موقعي تي ٻنهي ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرز ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي سٺي ڪارڪردگي تي شيلڊس ڏنيون ويون. گڏجاڻي ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گھنور علي لغاري ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفيٰ ڦل پڻ بريفنگ ڏني. صوبائي وزير ڊپٽي ڪمشنرز ۽ صحت کاتي جي عملدارن جي ڪارڪردگي کي سارهايو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته صوبي جي عوام کي وڌ کان وڌ صحت جون سهولتون سندن درن تي ڏيون ان لاءِ لاڙڪاڻي ۾ نئون ٽراما سينٽر پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽراما سينٽر شروع ٿيڻ ۾ دير ان ڪري ٿي آهي جو اهو سرجيڪل ايمرجنسي لاءِ ٺاهيو ويو هو پر بعد ۾ هن کي سرجيڪل ۽ ميڊيڪل ايمرجنسي لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن مريضن کي وڌيڪ سهولتون ڏئي سگھجن. ان بعد هن نئين تعمير ٿيل ٽراما سينٽر جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي مختلف شعبا گھمي ڏٺا ۽ واسطيدار عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته ٽراما سينٽر جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي. ٻئي طرف قمبر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عزرا فضل پيچوهو هيپاٽائيٽس جي ٽيسٽ پي سي آر مشين جو افتتاح ڪري اسپتال جي مختلف شعبن جو پڻ دورو ڪيو دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جون ڪوششون آهن ته سرڪاري اسپتال ۾ صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن پي سي آر مشين ذريعي هتان جي ماڻهن کي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ٽيسٽ مفت ۾ ڪئي ويندي هيپاٽائيٽس بابت ڊاڪٽر صاحب نياز ڊاڪٽر هُما قريشي ۽ ڊاڪٽر سنتوش ڪمار هيلٿ منسٽر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي سي آر مشين تي هزارين ٽيسٽون ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته هتي ڇهن مريضن کان رت جو سيمپل وٺي ٽيسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ چئن مريضن جي ٽيسٽ نيگيٽو ۽ ٻن مريضن جي ٽيسٽ پازيٽو ظاهر ٿي آهي وزير صحت سان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ سليم الله اوڍو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي تنيو،ايم ايس سعيد احمد تنيو ۽ ٻيا ڊاڪٽر موجود ھئا.
