سنڌ واسين جو زرداري صاحب ڏانهن خط

سڪندر چنو
زرداري صاحب! توهان کي ته خبر آهي ته اسين سنڌ واسي هميشه پي پي کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پهچايو آهي. توهان سان ڄاڻ سڃاڻ جي رسم کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان کي اڄ جي هن فرسوده خط، ڪتابت، اي ميلز يا واٽس اپ جهڙن دنياوي ذريعن جي ڪابه ضرورت ناهي. ڇاڪاڻ ته اسان جو توهان سان هڪ دلي ۽ روحاني رشتو جو آهي. ڀلي پاڪستان جو حڪومتون تبديل ٿينديون رهن. توهان وزيراعظم تبديل ڪندا رهو ٿا. پر اسان جا وزيراعظم به توهان، صدر به توهان ۽ وزيراعليٰ سنڌ به توهان آهيو. اسان کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته توهان کي سنڌ جي عوام جو وڏو اونهو آهي. موجوده برساتي ٻوڏ ۾ ته اڃان به وڌيڪ. مون کي اهيا به ڄاڻ آهي ته توهان سنڌ جي ماڻهن جي مالي مشڪلاتون ڏسي نٿا سگهو. پر جڏهن کان توهان جي جان ۾ سستي ايندي ڪراچي ڇڏي لاهور زرداري هائوس وڃڻ جو ٻڌي آهي دل اسان جي مذي ۾ ناهي ۽ جان ۾ بي قراري ۽ بي آرامي آهي. ان جي ڪري توهان کي خط لکي دل کي تسلي ڏيڻ چاهيون ٿا. هونءَ به مان توهان کي اسلام آباد ۽ ڪراچي جو سير ڪندي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا آهيون. ته زرداري صاحب جو خوشگوار هوا جي تبديلي لاءِ اسلام آباد ۽ لاهور جي تفريح ڪرڻ جو فيصلو وقتائتو ۽ ڏاڍو سٺو آهي. پر اسين سنڌ واسي ۽ خاص ڪري ٻوڏ متاثر ماڻهو ڏاڍو پريشان ٿيا آهن. اسان جو پاڙيسري جنهن کي گامون چوندا آهن هروڀرو به اسان جي سامهون توهان جي غلا ۽ غيبت ڪندو آهي پر اسان انهن جي ڳالهين تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندا آهيون. ڇاڪاڻ ته ان جو تعلقو ڪرڪيٽ واري پارٽي سان آهي. اسين ان غلاخور کي چيو ته اهيو منهنجو زرداري صاحب ئي ته آهي جنهن توهان جي پارٽيءَ کي گهر ڀيڙو ڪيو. اهو ساڙ سڙيو گامون توهان تي ۽ پارٽيءَ تي ڪرپشن جا الازام هڻي اسان جي دل کي آزاري پيو. پر سنڌ واسين جا زرداري صاحب! آءٌ ان اسين گامونءَ کي صاف صاف چيو ته زرداري صاحب ڪجهه سال اڳ ڪجهه پئسه گڏ ڪيا هئا پر هاڻي بلڪل به نه. ۽ مون کي اهيو سڀ ڪجهه ڪوڙ ۽ توهان خلاف هڪ من گهڙت سازش به لڳي ٿي. توهان فڪر نه ڪريو اسين به سندس سان مقابلو ڪري رهيا آهيون. اسين به گامون جي پارٽي ليڊر کي چور ئي سمجهون ٿا. ڇاڪاڻ ته هو به گهڙي جو چور ثابت ٿيو آهي. زرداري صاحب! هونءَ ته سنڌ ۾ خير خيريت آهي بس هڪ اڌ ٻه وڏا ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون آيا آهن. موٽروي رٿا ۾ ڪجهه ارب روپين جي ڪرپشن پڪڙي ويئي آهي. ان ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ان جو آفيس عملو به پڪڙيو ويو آهي ۽ ٻئي ڪرپشن ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز ڪئي آهي ان جو به رڪارڊ ايجنسين پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي ۽ هو پئسه کڻي دبئي طرف ڀاڳيلو ٿي ويو آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيف سيڪريٽري کي چيو آهي ته توهان ايماندار آفيسر ڇو ڪونه مقرر ڪيا. بحرالحال زرداري صاحب! سنڌ حڪومت سيد سائين به بهتر هلائي رهيو آ. پر توهان جو ڪراچي ۾ هجڻ اڃان به بهتر آهي. توهان جي سياسي بصيرت کي ڏسي ڪري توهان جا اڃان به وڌيڪ عاشق ٿي پيا آهيون. توهان جڏهن ملڪ جا صدر هئا ان وقت ملڪ ۾ مهنگائي به گهڻي ڪونه هئي. هاڻي ته چيلهه چٻي ٿي ويئي آهي. زرداري صاحب! گامون توهان جي سياسي مخالفت ڪندي مخالفن کي توهان خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي ۽ سندس چوڻي ته موجوده حڪومت به آصف علي زرداري پاڪستاني عوام مٿان مڙهي آهي. ۽ موجوده حڪومت مهنگائي جا سڀ رڪارڊ توڙي ڇڏيا آهن. مون جواب ۾ چيومانس ته زرداري صاحب وڏو سياسي رانديگر ۽ داناءُ آهي ان شهباز شريف کي وزيراعظم مقرر ڪرائي سمورو گند ان مٿان اڇلي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته عوام ته وزيراعظم کان پڇاڻو ڪندو ۽ عوام آڏو جوابده به وزيراعظم ۽ ان جي پارٽي آهي. اسان جو زرداري صاحب سياڻو آهي. اڄ ڪلهه پي ڊي ايم جي حڪومت آهي هونءَ به توهان ئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت کي هلائي رهيا آهيو ان جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي. توهان پنهنجي سياسي بصيرت جي ڪماليت سان موسٽ سينيئر جنرل حافظ عاصم منير کي آرمي چيف بنائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون اهي ساراهه لائق آهن. جهڙي طرح توهان ميرٽ جي بنياد تي آرمي چيف جو فيصلو ڪرايو ان مان صاف ظاهر لڳي ٿو ته جيڪڏهن ٻيهر توهان جي پارٽي اقتدار ۾ آئي ته ملڪ ۾ ميرٽ ۽ انصاف جي رهبري هوندي. زرداري صاحب! باقي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. پر گامون جي هڪ ڳالهه مون کي هرڀرو به پريشان ڪندي رهي ٿي. مون کان پڇي ٿو ته آصف علي زرداري صاحب ته بيمار يا عليل هيو. اٿڻ ويهڻ جهڙو به نه هيو اچانڪ اسلام آباد ۽ لاهور جا دورا ڪيئن ڪري رهيو آهي؟ هاڻي ان سوال جو جواب اسين ڪهڙو ڏيون؟ يا جواب ڏنوسينس ته مشڪل وقت ۾ آصف زرداري صاحب ٿورو مڪر به ڪندو آهي. زرداري صاحب! گامون اهيو به اسان کان سوال ڪري ٿو ته زرداري صاحب پنجاب جي حڪومت کي هلائڻ ۽ چاڙهڻ وارو ڪردار ڇو ٿو ادا ڪري؟ ۽ اهي پئسه به زرداري صاحب جيڪر ته سنڌ جي عوام تي خرچ ڪري ته ڪيڏو نه بهتر ٿئي؟ ڇاڪاڻ ته پي پي کي هميشه سنڌ جي عوام اقتدار ۾ آندو آهي ۽ آڻيندي رهي آهي. ان جو اسين گامونءَ کي ڪهڙو جواب ڏيون. بس ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهياسين. زرداري صاحب! منهنجو توهان کي هڪ ئي عرض آهي ته توهان اسلام آباد يا لاهور مان واپس اچي سنڌ جي عوام جي جيڪر خدمت ڪريو. ڇاڪاڻ ته هن ٿڌ واري موسم ۾ ٻوڏ متاثرين توهان جو راهون تڪي رهيا آهن. جڏهن بلاول ڀٽو وزيراعظم ٿيندو ته اسين سندس کي ويلڪم چونداسين زرداري صاحب! سنڌ جي سياسي حالتون به تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن. ڪرڪيٽ پارٽي جي اڳواڻ عمران خان سنڌ جو طوفاني سياسي دورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. ۽ هاڻي سنڌ جون حالتون اهيو تقاضا ڪن ٿيون ته توهان سنڌ واپس اچي سنڌ جا مسئلا حل ڪريو. عمران خان سان ٽڪر کائو. ڇاڪاڻ ته توهان جي سنڌ حڪومت تي ماڻهو کوڙ سارا الزام هڻي ماڻهن کي توهان خلاف ڀڙڪائين ٿا. ان ڪري ڪوته هتي هجي جيڪو عمران خان سان مقابلو ڪري. توهان کان علاوه هتي اهڙو ٻيو ڪوبه ٽڪر ڏيڻ وارو ماڻهو نه آهي. زرداري صاحب! مون کي پورو يقين آهي ته توهان لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ويهي اسان جو خط پڙهندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هوندا. زرداري صاحب! هاڻي ته ٻڌو آهي ته خلائي مخلوق به هاڻي نيوٽرل ٿي ويئي آهي؟ واقعي سچ مچ؟ ۽ محڪمه زراعت يعني گيٽ نمبر چار جو دروازو به بند ٿي ويو آهي؟ مون کي اميد آهي ته توهان هن خط جو جواب ڏيئي اسان سنڌ واسين کي جيالي هجڻ جو احساس لازمي ڏياريندا. زرداري صاحب! گامون بدين جي وچ شهر ۾ بيهي توهان جي حڪومت جي غلا غيبت ڪري رهيو هيو ۽ چئي رهيو هيو ته بدين ۾ ننڍڙا ٻارڙا شاخ ڪاٺيءَ تي ڪراس ڪندي زندگيءَ جي رسڪ کڻي تعليم پرائڻ وڃي رهيا آهن آخرڪار سنڌ جي تعليم جو ڇا ٿيندو؟ موجوده سنڌ سرڪار سنڌ جي تعليمي ادارن کي بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. زرداري صاحب! ڪجهه گهڙيون اسين هيٺ ڪنڌ ڪري شرم وچان بيهي رهياسين. سوچيوسين ته گامون کي ان سوال جو ڪهڙو جواب ڏيان. نيٺ ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو انهن ماڻهن کي ڏسندي اسين گامون کي جواب ڏنو ته آصف زرداري ڇا ڪري اهي ته چونڊيل نمائندن کي تڪن جي ترقياتي ڪمن جا پئسا جاري ڪرائيندو آهي جيڪڏهن تڪ جا چونڊيل نمائندا اهي پئسا کائي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندا ته ان ۾ ڀلا آصف زرداري جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ بحرالحال ٻئي ڏينهن تي خبر لڳي ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ انهن ٻارڙن جو شاخ ڪراس ڪندي تي ڪاٺي تي اسڪول ويندي نوٽيس ورتو ۽ پوءِ جلد سنڌ حڪومت هڪ ڏينهن ۾ شاخ مٿان پل تيار ڪرائي ورتي آهي. جيڪڏهن پوريءَ سنڌ ۾ اهڙيءَ تيزيءَ سان ترقياتي ڪم ٿين ته مورڳو سنڌ غريب نه پر خوشحال هجي. آصف علي زرداري صاحب توهان کي اسين سنڌ واسي ٻيو به ڪجهه واضع ڪندا هلون ته توهان جي آشيرواڌ سان ۽ توهان پنهنجي ويجهي دوست ملڪ رياض تي هڪ ٻئي مهرباني ڪري رهيا آهيو ۽ بحريا ٽائون فيز II جي لاءِ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ڏيئڻي ڪئي آهي ۽ ان لاءِ ملڪ رياض سنڌين جا ان زمين تي آباد قديمي ڳوٺ پڻ آهن جنهن کي بهريا ٽائون ڊاهڻ به شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي ساڳئي صورتحال جاري رهي ته پوءِ آصف زرداري صاحب توهان کي فرانس جو خوني انقلاب به چنڱيءَ طرح ياد هوندو. جنهن ۾ فرانس جي راڻي چيو هيو ته ماڻهن کي جيڪڏهن اٽو ناهي ته دڪانن تان ڪيڪ وٺي کائين. وري اتان جي ان وقت آرمي چيف چيو هيو ته ماڻهو جيڪر گاهه کائين ته بهتر. فرانس جو شهزادو پنهنجي ٽانگي کي ڊوڙائيندي پئي ويو ته هڪ غريب لوهار جو پٽ سندس ٽانگي هيٺيان اچي چيڀاٽجي مري ويو ۽ شهزادو صاحب ٽانگي تان لهي ڪري معصوم ٻار جي لاش تي اچي چهبڪ ان ڪري وسايا ته سندس ٽانگي جا ڦيٿا ان معصوم جي رت سان رنگجي ويا هئا. يا خراب ٿيا هئا. پوءِ ڇا ٿيو؟ پوءِ دنيا ڏٺو ته ان لوهار پنهنجي معصوم پٽ جا رت سان ڀريل ڪپڙا هڪ ڪاٺيءَ ۾ وجهي جهنڊي جيان اڏايا. ۽ روڊن تي نڪري پيو. ماڻهن ظلم ۽ بربريت جي انتها ڏسندي ان لوهار جي پويان لڳي پيا. عوام جو هڪ سمنڊ هيو ۽ خوني انقلاب جي شروعات هئي. ۽ فرانس جا روڊ رستا ماڻهن سان ڀرجي ويا. ماڻهن جو هڪ سيلاب هيو جيڪو روڊن تي وهي رهيو هيو. پوءِ دنيا ڏٺو ته انهن مڇريل ماڻهن ۽ ظلم جي ستايلن شاهي محل تي ڪاهه ڪئي، شهزادي ۽ راڻيءَ کي قتل ڪيو ويو ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وات ۾ گاهه وجهي کيس سري عام ڦاهي تي لٽڪايو ويو اهو هو فرانس جو انقلاب جنهن فرانس کي دنيا جو ترقي يآفتا ۽ طاقتور ملڪ ۽ ويٽو پاور بڻائي ڇڏيو. سنڌ جون حالتون ڏينهون ڏينهن فرانس جي انقلاب طرز جيان وڌي رهيون آهن اها سموري مشڪ جاري آهي ماڻهو ڪنڌ جهڪائي وڌيڪ پادر کائڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، صفا گونگا ٻوڙا ۽ انڌا لڳا پيا وتن ڪڇن ئي ڪونه ٿا. جناب آصف علي زرداري صاحب اسين سنڌ واسي توهان کي گذارش ٿا ڪريون ته بهريا ٽائون پنهنجي ظلم جا سمورا ليڪا لتاڙي رهيو آهي پر اسان سنڌ واسين جي خاموشي مڪمل رقص ۾ آهي. ان لاءِ توهان کي سنڌ لاءِ اڄ کان سوچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته 2023 واري اليڪشن ڪا پري ڪونهي ۽ هونءَ به سنڌ واسي ٻوڏ جا ستايل آهن ۽ ماڻهو بي گهر ٿيل سخت سرديءَ ۾ مري رهيا آهن. انهن جي لاءِ ڪجهه ڪريو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں