سنڌ ۾ ڪڻڪ جو ڪوبہ بحران ناهي، مارچ تائين ڪڻڪ ذخيرو موجود آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪابہ کوٽ ناهي، سنڌ حڪومت وٽ مارچ تائين ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي، ھن چيو تہ سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي، جتي اٽو 65 روپيو في ڪلو دستياب  آهي. جنهن تي سنڌ حڪومت اربين روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي. اها ڳالهه هن آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوري صوبي ۾ 1100 جڳهن تي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي آهي، جنهن ۾ موبائل وين ۽ اسٽالز شامل آهن ۽ جتي به شڪايتون آهن، ان لاءِ شڪايت درج ڪرڻ لاءِ نمبرز ڏئي ڇڏيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪالهه بي بي جي 15هين ورسي ۾ پوري ملڪ مان لکن جي تعداد ۾ پيپلز پارٽي جي جيالن ۽ عام عوام شرڪت ڪئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه تاريخي خطاب ڪيو. جنهن ۾ هن ملڪ جي موجوده صورتحال، ٻوڏ صورتحال ۽ پوري دنيا جي ڪامياب سفارتي دورن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ناقص پرڏيهي پاليسي سبب پاڪستان کي پوري دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن نوجوان جو قتل ٿيو آھي،  جنهن جو  وزيراعليٰ سنڌ فوري نوٽس ورتو ۽ پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته ڪنهن کي به رعايت نه ڏينداسين. هن چيو ته عمران خان خيبرپختوانخواه جي اسيمبلي ڇونٿو ٽوڙي. کين چيلينج ڪيان ٿو ته همت اٿس ته ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ٽوڙي ڏيکاري.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي خلاف سمورا اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهن، ڪوئي به اهڙو ڪيس نه آهي جنھن ۾  سندس گرفتاري نه ٿي سگهي. ھن چيو عمران خان وزيراعظم پاڪستان جي عهدي تي فائز رهندي دڪانن جون جعلي رسيديون ٺاهيون. گڏيل عرب اماراتن پاران لاڙڪاڻي ۽ دادو جي رهواسين کي ملڪ ۾ اچڻ تي پابنديون لڳائڻ واري معاملي تي پڇيل سوال تي صوبائي وزير چيو تہ کيس به ڪافي شھرن جي رھواسين تي پابندي بابت شڪايتون مليون آهن ، اھو معاملو گڏيل عرب اماراتن سان اٿارينداسين 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں