لاڙڪاڻو(رپورٽ:اڪبر آزاد ھيسباڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي سول اسپتال ۾ ٽراما سينٽر ۽ ايمرجنسي ريسپانس سينٽر جو دورو ڪيو جتي هن سينٽر جي مختلف سهولتن جو جائزو پڻ ورتو. دوري دوران چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار تنيو ۽ ٻين کيس بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آھي ۽ ان جي ڪهاڻي ختم ٿي وئي آهي، عمران خان پاران اليڪشن بابت جيڪڏهن اهو بيانيو هوندو ته فوج سندس مدد ڪري تہ ڇا سڄي پاڪستان جي عوام جا ادارا پي ٽي آءِ جي ٽائيگر فورس طور ڪم ڪن، ۽ جيڪو شخص 6 مهينن کان وزيراعظم ناهي ان کي آئين ٽوڙي زبردستي وزيراعظم بڻائجي؟ منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جو سياسي بيانيو جمهوريت جي خلاف، آمراڻي ۽ غير جمهوري سوچ آهي پاڪستان جي عوام کي جڏهن به موقعو مليو آهي انهن غير جمهوري ۽ سليڪٽيڊ قوتن کي شڪست ڏياري آهي ۽ جمهوريت پسند قوتن کي چونڊيو آهي. هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته آمريت جو دروازو کلي ۽ هو بيڪ ڊور ٻيھر وزيراعظم بڻجي سگھي، خان صاحب جو ضد هيو تہ فوري طور چونڊون ٿين جيئن ان کي ڪو فائدو ملي. هن چيو ته اسان جو ملڪ اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ جي اثرن مان گذري رهيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي آهي ۽ عوام معاشي مشڪلاتن ۾ آهي پر هو چاهي ٿو ته سندس ضد پورو ٿئي ۽ عوام جا مسئلا حل نه ٿين. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ نه صرف لاڙڪاڻي پر قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد سميت بلوچستان ۽ جنوبي پنجاب جي ڪجهه ضلعن جا مريض پڻ علاج لاءِ ايندا آھن لاڙڪاڻي ۾ ٽراما سينٽر ۽ ايمرجنسي فيسلٽيٽيشن سروس آهي ان کي بين الاقوامي معيار موجب فعال ڪبو، لاڙڪاڻي واري ٽراما سينٽر کي ڪراچي واري ٽراما سينٽر سان لنڪ ڪيو ويندو ان سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ 1122 ايمبولينس سروس به شروع ڪئي وئي آھي ان سان هتان جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون ملنديون ، اسان چاهيون ٿا ته لاڙڪاڻي واري 1122 سروس کي سينٽرلائيز ڪري ايمبولينسز جي تعداد کي به وڌايو وڃي ۽ ٽراما سينٽرز کي هر ڊويزن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ بين الاقوامي معيار جو بڻايو وڃي. هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته اسان وٽ وسيلا گهٽ ۽ مشڪلاتون گهڻيون آهن آهستي آهستي اسان گڏجي نه صرف صحت پر تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ به ڪم ڪنداسين اسان جا ٻيا به پروگرام آهن انهن تي پڻ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپتالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ايمرجنسي سروس جي ضرورت هوندي آهي، اڳ عورتن ۽ ٻارن جي موت جي شرح وارا انگ اکر پريشان ڪندڙ هئا ان کي نظر ۾ رکندي اسان چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان ملي ڪري هر ضلعي ۾ ٻارن جي ايمرجنسي جا وارڊ قائم ڪيا آهن ۽ اهڙي طرح بين الاقوامي معيار موجب سنڌ جي هر ضلعي ۾ چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان گڏجي ٻارن جي ايمرجنسي جي سروس فراهم ڪئي ويندي، اسان جي ڪوشش آهي ته صحت جي سمورن شعبن کي بين الاقوامي معيار جو بڻايون. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري شهر جي لاهوري محلا ۾ گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي رانوتي ۾ شهيد ٿيل ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو جي وارثن ڀاءُ وارث ڏنو سان تعزيت ڪندي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو جتي هن شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي بلند درجات لاءِ فاتح خواني به ڪئي.
