مقصودو رند(ن س)مقصودو رند ۾ عوامي تحريڪ ضلع سانگهڙ پاران “ڌارين کي نيڪالي ڏيو ۽ ٻوڏ متاثرين کي بحال ڪيو” جي عنوان ھيٺ ڀگت ريشم داس جي ياد ۾ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي 12 فيبروري تي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪراچي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان مچ ڪچهري ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي ضلعي اڳواڻن شرڪت ڪئي مقامي فنڪارن قومي گيت ڳائي مچ ڪچهري۾ شريڪ اڳواڻن ۽ ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو سگھڙن پاران ڏور بيت ٻڌائي واہ واہ ڪرائي ڇڏي خبر موجب مقصودو رند ۾ عوامي تحريڪ ضلع سانگهڙ پاران ڌارين کي نيڪالي ڏيو ۽ ٻوڏ متاثرين کي بحال ڪيو جي عنوان سان ۽ عوامي تحريڪ جي جاکوڙي ڪردار ڀگت ريشم داس جي ياد۾ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي مچ ڪچهري ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ ضلعي سانگهڙ صدر ڊاڪٽر راڻو ڪنڍاڻي ، عبدالستار رند، سنڌ ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ علي نواز ڏاھري، تعلقه شھدادپور صدر ذوالفقار علي رند، استاد دائود ڏاھري، جوائنٽ سيڪريٽري عالم لغاري، سڄاڳ ٻار تحريڪ ضلع جنرل سيڪريٽري رميش ڪمار فتح محمد ڏاھري، وزير ڀيل، سارنگ راجه ۽ ٻين عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڀگت ريشم داس عوامي تحريڪ جو بھادر سچو ۽ وفادار اڳواڻ ھو جيڪو عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ھر تحريڪن ء جدوجھد ۾ ھميشه گڏ بيٺل ھوندو ھو ۽ آخري پساھ تائين عوامي تحريڪ سان گڏ ھو ھنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي ھٿن سان ٻوڙايو ۽ ھاڻي ٻوڏ متاثرين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن انھن جي ڪير به سار نه ٿو لھي ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل امداد پ.پ جا ايم.پيز ، ايم.اين.ايز ۽ ڀوتار کائي ويا پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جا وسيلا وفاق حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ ھڪڙي ڪاميٽي ٺاھي ويئي آهي جنھن ۾ خورشيد شاھ اڳواڻ آھي ان ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر عوامي تحريڪ اھو ٿيڻ نه ڏيندي ۽ عوامي تحريڪ سنڌ ورھائڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون ان سلسلي ۾ 12 فيبروري تي ڪراچي ۾ ھڪ عظيم عاليشان احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي سنڌ جي عام کي اپيل آھي ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف اعلانيل جدوجھد ۾ عوامي تحريڪ جو ڀرپور ساٿ ڏين
