نوابشاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جو پنجون ڪانووڪيشن ٿي گذريو

نوابشاھه(ڊ ر) شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب نوابشاھ ۾ قائم شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جو ساليانو پنجون ڪانووڪيشن ٿي گذريو پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ۽ سندون ڏنيون ويون ھن پنجين ڪانووڪيشن ۾ بيچلرس ۽ ماسٽر سميت 12 مختلف شعبن جي 386 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سندون ڏنيون ويون جنھن ۾ 54 پوزيشن ھولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 9 گولڊ ميڊل ، 44 سلور ميڊل ۽ 100 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊل ڏنا ويا جڏھن ته ماسٽر پروگرام جي 30 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڻ ڊگريون ڏنيون ويون آهن انهي موقعي تي صوبائي وزير بورڊ يونيورسٽي محمد اسماعيل راهو ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر امانت علي جلباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندون حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ خاص ڪري سندن والدين کي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو ته جن پنھنجي اولاد کي تعليم جھڙي زيور سان نوازيو ۽ سندن مستقبل سنواريو ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي ھر دور ۾ تعليم ۽ صحت جا منصوبا جوڙيا آھن ته جيئين انسان ذات جي خدمت ٿي سگھي، ڪانووڪيشن ۾ وائيس چانسلر قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي سليم رضا سمون، وائيس چانسلر پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي گلشن ميمڻ ، پرنسپال ڊاڪٽر فريدا شيخ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز سميت ضلعي جي معززين اسڪالرز ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں