وفاقي سرڪار طرفان سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي کپت 30 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو، ڪميٽي قائم

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم چيو آهي عوام کي توانائي واري معاملي تي پنهنجي رويي ۽ عادتن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاور ڊويزن طرفان پيش ڪيل ڄاڻايل توانائي بچت پلان تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ توانائي بچت پلان جي حوالي سان اسٽيڪ هولڊرز سان ٿيل مشاورت تي آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسان کي هڪ قوم طور توانائي جي حوالي سان ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اسان کي فوري طور پنهنجي رويي ۽ عادتن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. هن هدايت ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومتون، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت جو عمل جلد مڪمل ڪري ڄاڻايل توانائي بچت پلان لاڳو ڪرايو وڃي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم جو چوڻ هوته ٻارڻ جي مد ۾ امپورٽ بل ۾ گهٽتائي لاءِ  توانائي بچت پلان تي عمل ۽ متبادل توانائي جو استعمال اڻٽر آهي. هن توانائي واري وزير کي پاڪستان ۾ ونڊ پاور جي انگ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪرن جي به هدايت ڪئي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي کپت 30 سيڪڙو تائين گهٽائڻ لاءِ وزيراعطم ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ توانائي، رٿابندي، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارا وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل سيڪريٽريز شامل هوندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سڌ سماءُ واري وزارت ۽ نيشنل انرجي ايفيشنسي اينڊ ڪنورزيشن اٿارٽي ان سلسلي ۾ آگاهي لاءِ هڪ مهم پڻ تيار ڪري ورتي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ صنعت ۽ پيدوار واري وزارت طرفان اليڪٽرڪ بائيڪس جي استعمال کي سڄي ملڪ ۾ عام ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني وئي ۽ ٻڌايو ته ملڪ ۾ پيٽرول تي هلندڙ موٽر سائيڪلن کي مرحليوار اليڪٽرڪ بائيڪس ۾ تبديل ڪيو ويندو، هن وقت ملڪ ۾ نوي سيڪڙو ڪمپنيون موٽرسائيڪلز ۽ آٽو رڪشا ٺاهي رهيون آهن، ملڪ ساليانو 60 لک موٽر سائيڪلون ٺاهڻ جي سهولت موجود آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ 22 ڪمپنين کي اليڪٽرڪ بائيڪس ٺاهڻ جا لائسنس جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ بائيڪس کي هٿي ڏيڻ سان ٻارڻ جي مد ۾ ذڪر جوڳي بچت ٿيندي هي ماحول دوست اليڪٽرڪ بائيڪس ڪاربن جي خارج ۾ گهٽتائي جو ڪارڻ بڻبيون. وزيراعظم ان سلسلي ۾ تفصيلي پلان اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں