ڀٽ شاهه ۾ مهان ڪوي شيخ اياز جي 25 هين ورسي ملهائي وئي

ڀٽ شاهه(رپورٽ: امير علي بليدي)سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي 25 هين ورسي ڀٽ شاھ جي ڪراڙ ڪپ تي ملهائي وئي ، ڪراڙ جي ڪپ تي سندس آخري آرام گاهه تي شيخ اياز يادگار ڪميٽي، ثقافت کاتي، سنڌ صحافي سنگت، سول سوسائٽي ۽ ٻين پاران اجرڪ سميت گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ان موقعي تي سنڌ جو قومي ترانو پيش ڪري شيخ اياز کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي شيخ اياز يادگار ڪميٽي طرفان ورسي جي موقعي تي تقريب به منعقد ڪئي وئي ڊائريڪٽر ثقافت شير محمد مهر، رحمت الله راڄڙ، جامي چانڊيو، ديوان گاگن داس ،نصير مرزا، سردار اياز ميمڻ، غلام مجتبا جوکيو ،نور سنڌي، عزيز چانڊيو، حبيب سنائي، دانش جتوئي، سرفراز لغاري، گل حسن لاکو، عبدالرشيد ڏيٿو، عابد شاهاڻي ، شڪور ناز خاصخيلي ، اسماعيل ميرجت ،محمد سومار وفا ۽ ٻيا تقريب ۾ شريڪ ٿيا ، تقريب دوران مقامي فنڪارن محمد هاشم چنڊ، محمد رحيم سولنگي ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا ڪئي وئي ۽ شيخ اياز جا ڪلام پيش ڪيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شيخ اياز سنڌ جو قومي شاعر هو ڀٽائي کان پوءِ شيخ اياز هڪ وڏو شاعر رهيو آهي اڄ 25 هين ورسي جي موقعي تي ڀٽ شاھ جي ڪراڙ ڪپ ڪناري شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون،اڳواڻن چيو ته شيخ اياز جي ورسي جي موقعي تي ڀٽ شاھ ۾ سندس مزار تي به ميلو لڳڻ گهرجي، حيدرآباد ۾ لڳايل ميلو بهترين قدم آهي پر ڀٽ شاهه ۾ سندس آخري آرام گاهه تي ميلو منعقد ڪري سنڌ جي مهان ڪوي شاعر شيخ اياز کي وڌيڪ شاندار ڀيٽا ڏيڻ گهرجي، هنن چيو ته شيخ اياز پنهنجي قومي گيتن ۽ شاعري ذريعي نوجوانن ۾ اتساھ پيدا ڪيو، ان موقعي تي ثقافت کاتي جي عملدار غلام مجتبا جوکيو خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ سال شيخ اياز جي ورسي ڀٽ شاهه ۾ ثقافت کاتي طرفان شاندار طريقي سان ملهائي ويندي، صوبائي وزير سيد سردار شاھ به هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ سال ڀٽ شاھ به بھترين انداز سان پروگرام منعقد ڪيو ويندو،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں